سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو انسپيڪٽر ڀتو وٺڻ جي الزام ۾ گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ اڏاوتن ۾ سنگين بي ضابطگين ۽ ڀتو وصول ڪرڻ جي الزامن تحت سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي انسپيڪٽر ضياءُ الرحمان عرف ضيا ڪالا کي گرفتار ڪيو ويو.
ايس ايس وي جي سينيئر سپرنٽينڊنٽ پوليس جنيد شيخ موجب پوليس جي اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي انسپيڪٽر ضياءُ الرحمان عرف ضيا ڪالا کي گرفتار ڪيو آهي، جوابدار ۽ سندس ساٿين خلاف ڪراچي جي پريڊي ٿاڻي ۾ دهشتگردي روڪ ايڪٽ تحت ڪيس داخل آهي، جنهن تحت جوابدار ۽ سندس ساٿين اڏاوت هيٺ عمارت تان 40 لک رپيا ڀتو گهريو ۽ 5 لک رپيا وصول ڪيا.
پوليس ٻڌايو ته ضيا ڪالا عزيز آباد جي علائقي ياسين آباد گلشن شميم جو رهواسي آهي، جيڪو ايم ڪيو ايم جي عروج جي ڏينهن ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ قلي طور ڀرتي ٿيو ۽ پوءِ ترقي ڪندي انسپيڪٽر جي عهدي تي وڃي پهتو.
پوليس موجب ان ڪيس ۾ جوابدار ۽ ان جي ساٿين تي سنگين بي ضابطگين ۽ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن الزامن جي جاچ به جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.