ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان فاريڪس ايڪسچينج ايسوسيئيشن جي چيئرمين ملڪ بوستان مطالبو ڪيو آهي ته ڊالر کپائڻ لاءِ ايندڙن کي تنگ نه ڪيو وڃي ته جيئن اهي ٻيهر بليڪ مارڪيٽ نه وڃن.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ملڪ بوستان چيو ته ڪريڪ ڊائون تي آرمي چيف کي قوم طرفان مبارڪباد، آرمي چيف اهو ڪم ڪيو جيڪو سول حڪومت کي ڪرڻو هو، ڪريڪ ڊائون سبب اڄ ملڪ ۾ کنڊ سستي ٿي رهي آهي، بجلي ۽ پيٽرول به سستو ٿيندو، ڊالر جو ريٽ مسلسل گهٽجي رهيو آهي، آپريشن جاري رهيو ۽ سمگلنگ بند رهي ته ڊالر 250 رپين تائين به وڃي سگهي ٿو.
هن چيو ته ڪريڪ ڊائون شروع ٿيڻ کانپوءِ ايڪسچينج ڪمپني جي سپلاءِ وڌي وئي آهي، اسان جو مطالبو آهي ته ڪرنسي تبديل ڪرائيندڙن کي تحفظ ڏنو وڃي، انهن کي تنگ نه ڪيو وڃي ته جيئن اهي ٻيهر بليڪ مارڪيٽ نه وڃن، ائين آرمي چيف جي ۽ اسان جي محنت ضايع ٿي ويندي.
Next Post
You might also like