سي اين جي واهپيدارن لاءِ بُري خبر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سوئي سدرن گئس ڪمپني (ايس ايس جي سي) سنڌ ۾ 17 سيپٽمبر کان 24 ڪلاڪن کان سي اين جي اسٽيشنز بند رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سوئي سدرن گئس ڪمپني سي اين جي اسٽيشنز جي بندش جي حوالي سان شيڊول جاري ڪري ڇڏيو.
ترجمان موجب سنڌ ۾ سموريون سي اين جي اسٽيشنز 17 سيپٽمبر کان 24 ڪلاڪن لاءِ بند رهنديون، اسٽيشنز آچر صبح 8 وڳي کان سومر جي صبح 8 وڳي تائين بند رهنديون.
ترجمان ٻڌايو ته سي اين جي اسٽيشنز کي 24 ڪلاڪن کان گئس جي فراهمي بند رهندي ته جيئن گهريلو واهپيدارن جي ضرورت پوري ٿي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.