سياسي ڪارڪن افضل لنڊ جو قتل افسوسناڪ آهي: زين شاهه

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر ۽ جي ڊي اي جي اڳواڻ سيد زين شاھ چيو آهي تهٽنڊي آدم ۾  سياسي ڪارڪن  افضل لنڊ قتل افسوسناڪ آهي، افضل لنڊ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي.

جاري بيان ۾ سيد زين شاهه چيو ته سنڌ جي نگران حڪومت ڌاڙيلن خلاف گرينڊ آپريشن ڪرڻ بدران بلاول ڀٽو زرداري کي ڪھڙي حيثيت ۾ پروٽوڪول ڏئي رهي آهي، پيپلز پارٽي کي ٽيون ڀيرو اين آر او ڏئي سنڌ جي عوام مٿان مڙھڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سنڌ جي عوام سخت مزاحمت ڪندي، بلدياتي ادارن جي بجيٽ بلاول زرداري جي جلسن تي خرچ ٿي رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته نگران حڪومت مراد علي شاهه سميت پيپلز پارٽي جي اڳوڻن وزيرن کي پروٽوڪول ڏيڻ ۾ مصروف آهي، نگران حڪومت ڪهڙي حيثيت ۾ بلاول زرداري کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي، ڪنڌڪوٽ ڪشمور ضلعي ۾ امن امان تباھ ٿي چڪو آهي ڪيترائي ماڻهو اغوا ڪيا ويا آهن.

وڌيڪ چيو ته نگران حڪومت جي پهرين ترجيح  سنڌ جي عوام جي جان،مال ۽ عزت جو تحفظ فراھم ڪرڻ آھي نگران حڪومت سنڌ پوليس کي متحرڪ ڪري قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي ڌاڙيلن خلاف ڀرپور آپريشن ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.