ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي پنهنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ اندر بدامني عروج تي پهتل آهي عوام جي جان مال عزت محفوظ ناهي جنهن جا ذميوار حڪمران آهن.
هن ٽنڊي آدم ۾ نوجوان افضل لنڊ جي بي رحماڻي قتل واري واقعي جي شديد مذمت ڪندي چيو ته واقعي جي جڊيشل انڪوائري ڪرائي حقيقتون عوام آڏو آنديون وڃن ۽ جوبدارن کي فوري طور قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته ظلم جي انتها آهي ته سرعام نوجوان گولين جو کاڄ ٿين پيا پر انتظاميه بس هڪ پريس بيان يا ڪانفرنس ڪري واقعي کي ذاتي تڪرار قرار ڏئي پنهنجا پلاند آجا سمجهندي رهي ٿي. جيڪا انتهائي غلط روش آهي. سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي ايندڙ نسلن کي پرامن محبتن واري سنڌ موٽائي ڏيارڻ لاءِ سياسي جدوجھد ۽ ووٽ جو درست استعمال ڪرڻو پوندو.