افضل لنڊ جي قاتلن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي: اياز لطيف

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي نوجوان افضل لنڊ جي قتل جي مذمت ڪندي قاتلن جي فوري گرفتاري  جو مطالبو ڪيو آھي.

جاري بيان ۾ هن چيو آهي ته نوجوان افضل لنڊ جو قتل ظلم جي انتھا آھي. 15 سالن کان سنڌ ۾ خونن ۽ اغوائن خلاف سرڪار، اسيمبليون ۽ عدالتون خاموش آھن. ائين لڳي  ٿو ته حڪمران سنڌ کي ملڪ جو حصو نٿا سمجھن، سنڌ کي ڦرلٽ، ڪرپشن ۽ لاقانونيت جي ڪالوني بڻائي ويو آھي، جيڪو جيترو طاقتور آھي، اھو پاڻ کي ايترو وڏو قانون ۽ آئين کان بالاتر سمجھي ٿو.

هن چيو ته ڪراچي کان ڪشمور تائين ماڻھو محفوظ ناھن ڪير به ڪيڏي مھل قتل يا اغوا ڪيو وڃي ٿو، پوليس جي سياسي مفادن لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو، مرضي جا ايس ايس پيز، ڊي ايس پيز ۽ ايس ايچ اوز رکرائي پوليس کان قانون جي عملداري ڦري وئي آھي جنھن ڪري سنڌ منشيات ۽ ھٿيارن جو دڪان بڻجي وئي آھي.

اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ۾ پورھيت، ھاري ۽ غريب ماڻھو انصاف کان محروم آھن، جنھن وٽ پئسو آھي اھو پوليس سميت ھر شئي خريد ڪري وٺي ٿو.

هن چيو ته  وفاق ۾ ايندڙ حڪومتون پنھنجن مفادن لاءِ سنڌ حڪومت کي اتحادي بڻائي سنڌ جي عوام کي مڪمل نظرانداز ڪري ڇڏين ٿيون. 15 سالن کان سنڌ کي ديوار سان لڳايو ويو آھي.

هن وڌيڪ چيو ته وفاق کي سنڌ جا وسيلا گھرجن، سنڌ جو تيل گھرجي، گئس گھرجي، سنڌ جو پاڻي گھرجي، سنڌ جي دولت گھرجي پر سنڌ جا ماڻھو نه گھرجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.