لاهور (اي پي پي) لاهور هاءِ ڪورٽ بجلي جي بلن ۾ واڌ خلاف مختلف درخواستن تي درخواست گذار جي درخواست ۾ ترميم ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شمس محمود مرزا لاهور جي مقامي شهري شيخ لطيف جي مختلف درخواستن تي سومر ڏينهن بڌڻي ڪئي جنهن ۾ وفاقي حڪومت سميت ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي ۽ بجلي جي بلن ۾ واڌ جي قدمن کي چئلينج ڪيو ويو آهي. درخواست گذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته بجلي جي اگهن ۾ واڌ سان عام شهرين جي زندگي متاثر ٿي رهي آهي. ان لاءِ عدالت بجلي جي اگهن م واڌ جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي. ٻڌڻي دوران عدالت درخواست ۾ تصديق ٿيل دستاويز لڳائڻ جي ڳالهه ڪئي ته درخواست گذار درخواست ۾ ترميم جي اجازت گهري جيڪا عدالت منظور ڪري ورتي.
مانسهره: پارس شاران وٽ جيپ کي حادثو 2 ڄڻا فوت، 4 زخمي
مانسهره (اي پي پي) مانسهره جي سياحتي هنڌ پارس شاران تي جيپ بي قابو ٿي حادثي جو شڪار ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 4 شديد زخمي ٿي پيا. مانسهره ريسڪيو 1122 ترجمان مطابق ڪنٽرول روم کي اطلاع ملندي 2 ايمبولينسز فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي ويون ۽ فوتين ۽ زخمين کي پارس کان بالاڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو. اي پي پي/ م – ر 15:20
ڪوهلي جون تيز ترين 13 هزار رنسون، ٽنڊولڪر جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو
ڪولمبو ( اسپورٽس نيوز ) ڀارتي بيٽر ويرات ڪوهلي ون ڊي انٽرنيشنل ۾ تيز ترين 13 هزار رنسون مڪمل ڪري ورتيو آهن. ڪوهلي ليجنڊ ڀارتي بيٽر سچن ٽنڊولڪر کي پوئتي ڇڏيندي اِهو ڪارنامو انجام ڏنو، سچن ٽنڊولڪر 321 ون ڊي اننگز ۾ 13 هزار رنسون مڪمل ڪيون هيون. ڪولمبو ۾ جاري ايشيا ڪپ 2023ع ۾ سُپر فور مرحلي ۾ پاڪستان خلاف بيٽنگ ڪندي ويرات ڪوهلي ون ڊي انٽرنيشنل 47 هين سينچري اسڪور ڪئي. ويرات ڪوهلي ٽي سئو کان گهٽ ون ڊي ميچن ۾ تيرنهن هزار رنسون مڪمل ڪندڙ دنيا جو پهريون ڪرڪيٽر بڻجي ويو آهي. 267 ون ڊي اننگز ۾ 13هزار رنسون ٺاهيون آهن، سندس ون ڊي انٽرنيشنل ڪيريئر ۾ 65 ففٽين ۽ 47 سينچريون آهن.
شعيب اختر برسات کي سڏيندو رهيو
ڪولمبو ( اسپورٽس ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي اسپيڊ اسٽار ڪولمبو ۾ پاڪ-ڀارت مقابلي دوران جاري برسات تي دلچسپ ٽوئيٽ ڪئي آهي. ڀارتي بيٽر ڪي ايل راهول ۽ ويرات ڪوهلي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏيون جنهن سبب ڀارت مقرر پنجاهه اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 356 رنسون ٺاهيون. ويرات ڪوهلي 122 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي جڏهن ته ڪي ايل راهول به 111 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ويرات ڪوهلي ۽ ڪي ايل راهول وچ ۾ ٽين وڪيٽ تي 233 رنسن جي ڀائيواري قائم ٿي. پاڪستان طرفان شاهين آفريدي ۽ شاداب خان هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. ايشيا ڪپ جي سُپر فور مرحلي ۾ ڀارت پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 357 رنسن جو هدف ڏنو آهي جنهن جي جواب ۾ پاڪستان ٽيم يارنهن اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 44 رنسون ٺاهي ورتيون.، جڏهن ميچ برسات سبب روڪي ته پاڪستان جي اسپيڊ اسٽار شعيب اختر سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي لکيو ته ” برسو ري ميگها، ميگها“ .شعيب اختر جي ان ٽوئيٽ تي مداح دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن.