ٽنڊو آدم (رپورٽ: ممتاز علي حيدري) ٽنڊوآدم سٽي ٿاڻي جي حد شھيد شير محمد ڏيرو چوڪ وٽ ون ٽو فائيو موٽرسائيڪل تي سوار ٻن ھٿياربندن نجي بينڪ جي لون آفيسر خيرپور ناٿن شاهه جي رھواسي 25 ورھين نوجوانمحمد افضل لنڊ کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقا اسپتال ٽنڊو آدم پھچايو، جتي مقتول سان بينڪ ۾ ڪم ڪندڙن ٻڌايو ته مقتول 10 ڏينھن اڳ شهدادپور ۾ ڊيوٽي تي آيو ھو، اسان ھوٽل تي چانھه پيئڻ لاءِ ويٺاسون ته اوچتو ٻه هٿياربندن آيا ۽ فائرنگ ڪري ڏني جنھن ۾ مقتول افضل لنڊ ٿڏي تي قتل ٿي ويو، واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو، پوليس موجب قتل ٿي ويل نوجوان جي وارثن کي اطلاع ڏنو ويو آھي، واقعي واري هنڌ ڊي ايس پي اظھار حسين لاھوري پھتو ۽ واقعي بابت پڇا ڳاڇا ڪئي، قتل ٿي ويل نوجوان جو مڙھ مارچري روم ۾ پيل آھي وارثن جي اچڻ بعد لاش سندن حوالي ڪيو ويندو.