پرنسپال نوڪرين جو آسرو ڏئي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو: عورتون

ملير (رپورٽ جميل چانڊيو)گلشن حديد اسڪول ۾ ليڊي ٽيچرز سان زيادتي واري واقعي جي وڊيو وارو معاملو، ٻن عورتن پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرايا، جاچ پوليس پاران جوابدار جي گهران جنسي طاقت جون دوائون هٿ، جوابدار جي منشيات جو عادي هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، گلشن حديد ۾ قائم آءِ جي ايم اسڪول جي پرنسپال عرفان غفور ميمڻ پاران ليڊي ٽيچرز سان زيادتي واريون وڊيوز ليڪ ٿيڻ واري معاملي جي جاچ جي سلسلي ۾ جنسي زيادتي جو شڪار ٻه عورتون عدالت پهچي ويون، عدالت پاران عورتن ثمرا ۽ سونيا کي جاچ پوليس اسٽيل ٽائون وٽ پهچي پنهنجو 161 جو بيان رڪارڊ ڪرائڻ جو چيو، متاثر عورتن جاچ پوليس اسٽيل ٽائون پوليس وٽ پنهنجو 161 جو بيان رڪارڊ ڪرايو، بيان ۾ عورتن ڄاڻايو آهي ته اسان کي نوڪري جو آسرو ڏئي اسڪول پرنسپال عرفان غفور ميمڻ جنسي حراسگي جو نشانو بڻايو، گرفتار جوابدار عرفان غفور ميمڻ کي هڪ هفتي جو رمانڊ پورو ٿيڻ بعد ملير جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، جڏهن ته متاثر عورتون پڻ عدالت ۾ 164 جو بيان رڪارڊ ڪرائينديون، ٻئي طرف جاچ پوليس اسٽيل ٽائون عرفان غفور ميمڻ جي گهر تي ڇاپو هڻي گهر مان منشيات ۽ جنسي دوائون هٿ ڪري ورتيون جاچ پوليس عرفان غفور ميمڻ خلاف هڪ وڌيڪ ڪيس داخل ڪري جاچ ڪري ڇڏي، پوليس موجب جاچ دوران عرفان منشيات ۽ جنسي دوائون استعمال ڪرڻ جو پڻ اعتراف ڪري ورتو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.