لاهور(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کي گرفتار ڪرڻ تي انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) اسلام آباد پوليس جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي کيس 18 سيپٽمبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس مرزا وقاص رئوف چوڌري پرويز الاهي جي گهرواري قيصره الاهي جي توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت آءِ جي اسلام آباد جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي کيس 18 سيپٽمبر تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ان کان اڳ عدالت پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي جي گرفتاري خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي 18 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.