اسلام آباد (م ڊ) آءِ ايم ايف ۽ ناڻي واري وزارت وچ ۾ گئس سيڪٽر گردشي قرض گهٽائڻ جي اسڪيم تي ڪو فيصلو نه ٿي سگهيو.ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب، آءِ ايم ايف ڊيوڊينڊ پلگ ان بيڪ اسڪيم جو مسودو گهرائي ڪو جواب ناهي ڏنو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڊيوڊينڊ پلگ اِن بيڪ اسڪيم ذريعي گئس سيڪٽر جو گردشي قرض چار سئو ارب رُپيا گهٽائڻ جو پلان ڏنو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان اختياريون آءِ ايم ايف سان ڊيوڊينڊ پلگ ان بيڪ اسڪيم کي اقتصادي جائزي ۾ ٻيهر پيش ڪنديون. ذريعن موجب، گئس سيڪٽر جو گردشي قرض گهٽائڻ لاءِ پلان آءِ ايم ايف جي رضامندي سان ئي تيار ڪيو ويو هو ۽ پلان تحت او جي ڊي سي ايل، پي پي ايل، جي ايڇ پي ايل جي ڊيوڊ ينڊ گردشي قرض ۾ ايڊجسٽ ڪرڻا هئا.