ڪراچي( رپورٽر) ڊالر جو اگهه ڪرڻ لڳو، رپيو مضبوط ٿيڻ لڳو آهي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن طرفان ڊالر جي اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي تڏهن کان پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. انٽر بئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽن ۾ پاڪستاني رپئي جي مقابلي ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي. ڪاروباري هفتي جي شروعات تي انٽر بئنڪ ۾ هڪ ڊالر هڪ رپيو 79 پئسا گهٽتائي سان 301 رپيا 16 پئسا تي بند ٿيو. اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 4 رپيا 300 رپيا سستو ٿي ويو. اوپن مارڪيٽ ۾ برطانوي پائونڊ 370 رپيا، يورو 316 رپيا، سعودي ريال 79 رپيا ۽ يو اي اي درهم 82 رپيا آهي. گذريل ڪاروباري هفتي دوران پڻ پاڪستاني رپئي جي مقابلي ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ تيزي سان گهٽتائي آئي هئي.