سانگهڙ (رپورٽ: محمد حسين بلوچ)چوٽياريون ويجهو ٽنڊو مٺا خان لڳ ڳوٺ علي خان شاھ جا ڳوٺاڻا نارا ڪئنال تي پل نه هئڻ سبب پريشان آھن، بيمار توڙي اسڪول جا ٻارڙا پنهنجي ٽائيم تي نه ٿا پهچي سگهن. مذڪوره جاءَ تي پراڻي دور جو هڪ پتڻ آھي جنهن تي مبينه هڪ ٻيڙي وارو ملاح مقرر آھي اهو به پنهنجي ڊيوٽي نه ٿو ڪري، هن پتڻ ذريعي ڳوٺ حاڪم شاه ڳوٺ علي خان شاھه جنهن جا تقريباً 250 گهر آھن ان کان سواءِ اڇڙي ٿر جا ماڻھون پڻ ايندا ويندا آھن. ڳوٺاڻن حڪومت سنڌ کان مطالبو ڪيو ته اسان کي پل ٺھرائي ڏني وڃي جيتري تائين پل نه ٿي ٺھي ته اوتري تائين ٻيڙي هلائڻ وارو ماڻھون مقرر ڪري ڏنو وڃي جيڪو پنهنجي ڊيوٽي ايمانداري سان ڏئي. انهن وڌيڪ چيو ته اتان نارا ڪئنال مان هڪ شاخ نڪري ٿي جنهن تي فقط هڪ بجلي جو کنڀو رکيل آھي جنهن جي ويڪر چار انچ آھي اسڪولي معصوم ٻارڙا ان مٿان گذري اسڪول ڏانهن وڃن ٿا ڪڏھن ڪو به اڻ وڻندڙ واقعو پيش اچي سگهي ٿو ان لاء به جوڳو بندوبست ڪيو وڃي.