پي آءِ اي جو مالي بحران، اڏامون معطل، 15 جهاز گرائونڊ ٿيڻ جو خدشو

ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز (پي آءِ اي) جو مالي بحران سنگين ٿي ويو آهي، جيڪڏهن ٻن ڏينهن ۾ فنڊ نه مليا ته فلائيٽ  آپريشن سخت متاثر ٿيندو. ذريعن موجب 30 کان وڌيڪ ملڪي ۽ بين الاقوامي اڏامون معطل ڪيون ويون آهن ۽ رقم فوري طور نه ملڻ تي 15 جهاز گرائونڊ ٿيڻ جو خدشو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي آءِ اي قرض، وياج، ليز ۽ اسپيئر پارٽس جي ادائيگين ۾ مبتلا آهي ۽ پي آءِ اي کي فوري طور تي 20 ارب رپين کان وڌيڪ ادا ڪرڻا آهن، جنهن ۾ فيول، فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ۽ ليز تي حاصل ڪيل جهازن جي ادائيگيون شامل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.