سون جو في تولو وڌيڪ 500 رپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي (رپورٽر) مُلڪ ۾ سون جو في تولو وڌيڪ سستو ٿي ويو آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن  موجب، سون پنج سئو رُپيا سستو ٿيو جنهن بعد في تولو ٻه لک ٻارنهن هزار رُپين جو ٿي ويو آهي. ڏهه گرام سون جي قيمت 428 رُپين لاٿ کانپوءِ هڪ لک ايڪاسي هزار ست سئو ڇاونجاهه رُپيا آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ سون چار ڊالر سستو ٿيڻ کانپوءِ في اونس 1919 ڊالر جو ٿي ويو آهي.

بي جي پي اليڪشن کٽڻ لاءِ گودهرا جهيڙو واقعو ورجائي سگهي ٿي ، ادهو ٺاڪر

جلگائون  (م ڊ) ڀارت ۾ شيو سينا ( يو بي ٽي ) جي صدر ادهو ٺاڪر چيو آهي ته بي جي پي ملڪ جو نالو بدلائي ڀارت ڪري ڇڏيو آهي .اسان نالو بدلائڻ جي ان راند ۾ ملوث نه ٿينداسين اسان ايندڙ چونڊن ۾ حڪمران جماعت ۽ مودي کي بدلائيداسين ڪشمير ميڊياسروس موجب ڀارتي جنتاپارٽي جي حڪومت تي شديد تنقيد ڪندي چيو ته ممبئي۾ قومي اپوزيشن جماعت جي هاڻوڪي اجلاس جي ڪاميابي سان مرڪز ۾ برسر اقتدار اتحاد  ختم ٿي  ويو آهي   هن چيو ته گذريل 15 ڏينهن کان هو انڊيا بلاڪ مان ان ايتري قدر پريشان آهي ته هن ملڪ جو نالو بدلائي ڀارت رکيو آهي هن چيو ته بي جي پي 2024 جي چونڊن ۾ ٻيهر اقتدار ۾ نه ايندي ٺاڪر خبر دار ڪيو ته  ڳالهيو هلي رهيون آهن ايودهيا ۾ رام مندر جي چوڌاري گودهرا جهيڙو واقعو ٿي سگهي ٿو پني پور ۾ جاري بحران جو حوالو ڏيندي ادهو ٺاڪر ڏک جو اظهار ڪيو عورتن جي سرعام بي حرمتي ڪئي وئي مرڪزي حڪومت ڪجهه به نه ڪيو ٺاڪر عوام کي مطالبو ڪيو ته غدارن بدعنوان عناصرن جي حڪومت کي ٻاهر ڪڌي ڇڏي جيڪي ڪوڙا وعده ڪري رهياآهن ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ ته هو ٻيهر اقتدار ۾ نه ايندا.

عسڪري ٽاور حملي ڪيس ۾ خديجه شاهه پنهنجي نئين سر جسماني رمانڊ جي قدم کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو

لاهور (م ڊ) 9 مئي تي عسڪري ٽاور تي حملي جي الزام ۾ درج ڪيس ۾ گرفتار خديجه شاهه ڪيس ۾ نيون شقون شامل ڪرڻ جي  نئين سر جسماني رمانڊ جي قدم کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. خديجه شاهه طرفان سمير کوسه ايڊووڪيٽ  درخواست دائر ڪئي آهي. درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو آهي ته پوليس عسڪري ٽاور ڪيس ۾ 28 جولاءِ تي وڌيڪ جسماني رمانڊ وٺڻ کان انڪار ڪيو هو جڏهن ته هاڻي وري پوليس خديجه شاهه جي ڪيس ۾ ٻيهر نئين شقن تحت جسماني رمانڊ ورتو آهي. پهريون ڀيرو پوليس جسماني رمانڊ بعد پاڻ جوڊيشل ڪرڻ جي استدعا ڪئي هئي. درخواست ۾ موق اختياري ڪيو ويو آهي ته ٻيهر جسماني رمانڊ وٺڻ حقيقتن جي ابتڙ آهي ان ڪري عدالت خديجه شاهه جي ٻيهر جسماني رمانڊ جي قدم کي ڪالعدم قرار ڏئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.