ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ سنڌي مزدورن کي نوڪرين مان ڪڍڻ ۽ تعصباڻي رويي خلاف سنڌو نواز گهانگهرو جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن جو احتجاجي مارچ، 10 ڪلاڪ نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو، رينجرز جا اٽالا پهچي ويا، ڇڪتاڻ باوجود احتجاج جاري رکيو ويو، اڄ ٻيهر ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو ويو، سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي ڪراچي جي فيڪٽرين ۽ ڪمپنين مان سنڌي مزدوري جي جبري نيڪالي، نامناسب رويي ۽ ٺيڪيداري نظام خلاف سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئر پرسن سنڌو نواز گهانگهرو، رابيل ابڙو، حئز علي چانڊيو، راجا سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ چمڙا چورنگي کان احتجاجي ريلي ڪڍي انگلش بسڪيٽ فيڪٽري جي مک گيٽ سامهون نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي ۾ پورهيتن، نوجوانن ۽ وڪيلن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، فيڪٽري انتظاميه ۽ مزدورن سان ناانصافين خلاف شديد نعريبازي ڪئي وئي، احتجاج دوران انتظاميه پوليس ۽ رينجرز جا اٽالا طلب ڪري ورتا، جنهن دوران ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي پر اڳواڻن احتجاج ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي سنڌ نواز گهانگهرو ۽ ٻين چيو ته ڪراچي جي فيڪٽرين ۾ ڌرتي ڌڻين سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، مزدورن کي جبري طور تي نوڪرين مان ڪڍي افغانين ۽ ٻين ڌارين کي ڀرتي ڪيو پيو وڃي، ٺيڪيداري نظام ۾ گهٽ اجرت ۾ استحصال ڪيو پيو وڃي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، هنن چيو ته فيڪٽرين جي انتظاميه پنهنجو قبلو درست ڪري سنڌي مزدورن سان زيادتيون ۽ استحصال بند نه ٿيو ته احتجاج جو دائرو سڄي سنڌ تائين وڌايو ويندو، ان موقعي تي اڄ ٻيهر فيڪٽري جي گيٽ آڏو ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو ويو.