سنڌي ميڊيم اسڪولن کي بچائڻ لاءِ سنڌ جا ساڃاهه وند تحرڪ وٺن

جميل چانڊيو

تاريخ گواهه آهي ته انهن قومن ترقي ڪئي آهي جن تعليمي ميدان ۾ پاڻ ملهايو آهي تعليم فرش کان وٺي عرش تائين رسائي جو ذريعو ۽ شعور جي علامت آهي، ماضي ۾ سنڌ ۾ انيڪ تعليمي درسگاهون جيڪي ان وقت جون يونيورسٽي جو درجو رکنديون هيون اهڙن تعليمي ادارن ۾ ڪراچي جو سنڌ مدرسته السلام ۽ اين جي وي اسڪول سميت ٺٽو، نوشهروفيروز، شڪارپور، تعليمي درسگاهه جا مرڪز رهيا آهن جتي دنياوي ۽ ديني تعليم سان گڏوگڏ قائداعظم محمد علي جناح، شيخ اياز، انور پيرزادو سميت سنڌ جي انيڪ شخصيتن سنڌ جي تعليمي درسگاهن مان تعليم پرائي سنڌ جو نالو دنيا آڏو مڃايو. ماضي جي سنڌ جيڪا ڪاروباري طور تي سنڌو ندي ۽ عربي سمنڊ ذريعي دنيا سان ڳانڍاپو رکيو. موهين جي دڙي جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته 5 هزار سال اڳ سنڌ دنيا کان اڳ جديد ۽ سولائيزيشن جو هڪ نمونو هيو جتي ترقي جي شروعات موهين جي دڙي ڦيٿي کان شروع ڪئي. هونئن ته سنڌ لطيف، سچل، سامي جي ڌرتي آهي جن جو مهور امن، محبت، ڀائيچارو ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ تعليم ماڻڻ جو درس ڏنو ۽ پهرين الفابيٽ بابت تاريخ ٻڌائي ٿي ته موهين جي دڙي واسين دنيا آڏو رکي جيئن جيئن سنڌ ۾ ڌارين جي يلغارون وڏن شهرن تي قابض ٿينديون ويون تيئن ئي سنڌ جي ثقافت، ٻولي، ماڳ مڪانن ۽ سنڌ جي قيمتي اثاثن تي قبضي ۽ ان خلاف سازش جو ڊگهو ڄار وڇايو ويو. ڪراچي سنڌ جي گادي واري شهر جيڪو قديم سنڌ واسين پنهنجي تاريخي هيروز جي نالن کي بگاڙي اڌورا نالا پڻ رکيا.

وقت سان گڏوگڏ سنڌ جي تعليمي ادارن جون تاريخي بلڊنگون مافيا ۽ حڪومت جي نالائقي سبب مسمار يا زبون حالت اختيار ڪري ويون تعليمي معيار زوال پذيري طرف هٿ وٺي ڪيو ويو ڪاپي ڪلچر کي سنڌ اندر هٿي ڏياري وئي، تعليمي ڪامورن، سياستدانن ۽ نام نهاد ليڊرن سنڌ جي تعليمي معيار کي ختم ڪرڻ ۾ ڪا ڪثر نه ڇڏي، وڏن شهرن ۾ سنڌي ميڊيم اسڪولن کي اردو ۽ ٻين ٻولين ۾ تبديل ڪيو ويو سنڌي تعليم ختم ڪرڻ لاءِ هڪ وڏي رٿابندي هيٺ ڪراچي جي لساني ٽولي پنهنجو ڪم ڪري ڏياريو، تازو ملير جي علائقي بن قاسم ٽائون جي گورنمينٽ گرلز سيڪنڊري اسڪول يوسف عارفاڻي ڳوٺ سنڌي ميڊيم اسڪول اردو ميڊيم ۾ تبديل ٿي ويو، اسڪول جي غير سنڌي هيڊ ماسترياڻي طرفان ڊي اي او ملير امتياز انڙ  کي ميڊيم تبديلي جي لکت ۾ درخواست ڏيندي سنڌي ميڊيم جا ڪتاب ڊي اي او آفيس کي واپس موڪلي ڇڏيا، جڏهن ته نارمل سنڌي بدران آسان سنڌي پڙهائڻ جي شروعات ڪئي وئي آهي، ڊي اي او سميت ڊپٽي ڊي اي او ۽ ٽي او هيڊ ماسترياڻي آڏو بيوس بڻيل، جڏهن ته سنڌي ميڊيم اسڪول اردو ۾ تبديل ٿيڻ تي سنڌ انڊيجينس رائيٽس الائينس جي صدر سيد خدا ڏنو شاهه، عوامي جمهوري پارٽي جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اياز چانڊيو، سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي رابطا سيڪريٽري اصغر باغي سنڌي ميڊيم اسڪول بحال نه ٿيڻ تي سخت ردعمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هڪ رٿابندي ذريعي ڪراچي جي ٻهراڙين مان سنڌي سبجيڪٽ ختم ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي وئي آهي جيڪڏهن سنڌي ميڊيم اسڪول بحال نه ڪيا ويا ته تعليم کاتي جي عملدارن جو گهيراءُ ڪنداسين ۽ سنڌي ميڊيم اسڪول جي بقاءَ لاءِ تحريڪ هلائي ويندي.

سنڌ جي ساڃاهه وندن کي هن اهم ۽ سنگين مسئلي طرف هنگامي بنيادن تي تحرڪ وٺڻ کپي ته جيئن سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي سميت حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص، سانگهڙ ۾ سنڌي ميڊيم اسڪول کي بچائي سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.