ڪراچي (رپورٽ: مهدي بلوچ) نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن، واقعو بلديا ايسوسي ايشن ۽ هوم بيس وومين ورڪرز فيڊريشن پاران چيو ويو آهي ته ڪم جا هنڌ محفوظ ڪرڻ ۽ صحت ۽ حفاظت جي ضابطن تي عمل ڪرائڻ کي يقيني بڻايو وڃي. نفعي جي خواهش جي ڪري، مزدورن جو قتل عام بند ڪيو وڃي، آءِ ايل او ۽ انشورنس ڪمپني وچ ۾ ٿيل مبينا معاهدي جي دستاويزن جي جاچ ڪرائي وڃي ۽ بلديا واقعي جي خاندانن کي هراسان ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي. سنڌ سوشل سيڪيورٽي اداري جي گورننگ باڊي پينشن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ان تي فوري طور تي عمل ڪيو وڃي، نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن جي اڳواڻن ناصر منصور، رفيق بلوچ ۽ رياض عباسي، ورڪرز رائيٽس موومينٽ اڳواڻ گل رحمان، هوم بيسڊ وومين ورڪرز فيڊريشن اڳواڻ زهرا خان ۽ سائره فيروز، سانحا بلديا ايسوسيئيشن جي اڳواڻن حسنه خاتون، محمد صديق، محمد جميل، ليبر ايجوڪيشن اينڊ ريسرچ سينٽر اڳواڻن شوڪت، ڪرامت علي، پيپلز ليبر بيورو اڳواڻ حبيب الدين جندي، هوم رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي اڳواڻ اسد اقبال بٽ، پاڪستان فشر فورڪ فورم جي سعيد بلوچ، دانشور اصغر دشتي، خليق زردگان، عوامي حق، عابد لبرٽي ٽيڪسٽائل ملز ورڪرز يونين، عاقب حسين، ساره خان، فائزه صديقي، اقبال ابڙو، همت، شهزاد، حسين، عين يونس، متبادل ۽ ٻين بلديا واقعي تي گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪئي. مقررين جو چوڻ هو ته سرمائيدارن ۽ حڪومت جي بلديه سانحي مان سبق نه سکڻ سبب صنعتي حادثا خطرناڪ حد تائين وڌي ويا آهن. صحت ۽ حفاظت بابت قومي ۽ بين الاقوامي معيار جي مجرمانه غفلت سبب ڪارخانا مزدورن لاءِ موت جو نشان بڻجي ويا آهن، ڪم جي جڳهن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ قومي پاليسي ۽ قانون سازي وقت جي ضرورت آهي ته جيئن علي انٽرپرائز جهڙن حادثن کان بچي سگهجي، بلديه سانحي جي ٻيهر جاچ شروع ڪئي وڃي ۽ ان سانحي جي ذميوارن کي سزا ڏني وڃي، عدالت جي فيصلي جي روشني ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم تي عمل ڪرائيندي اي او بي آءِ مان سانحي ۾ شهيد ٿيل مزدورن جي والدين جي پينشن بحال ڪئي وڃي.