پني عاقل ۾ دڪان مان لکين رپين جي چوري، شٽربند هڙتال، ڌرڻو

پنوعاقل(رپورٽ: رستم انڍڙ) پنوعاقل ۾ بدامني تي ضابطو نه آيو، چور تالا ٽوڙي دڪان مان کين روپين جو سامان ٻھاري ويا ، سٽي ٿاڻي جي حد موبائيل مارڪيٽ مان نامعلوم چورن پاران  عبدالجبار چاچڙ جي دڪان  جا تالا ٽوڙي   25 لکن جي ماليت جا موبائيل سيٽ کڻي ويا، شھر۾  ھر روز چورين جھڙي بدامني جي واقعن خلاف موبائيل مارڪيٽ ايسوسيئيشن پاران سعيد احمد قاضي، آصف شيخ، متاثر عبدالجبار چاچڙ  ۽ ٻين جي اڳواڻي۾  موبائل مارڪيٽ ۾  شٽربند هڙتال ڪري  شھر ۾ ريلي ڪڍي سٽي ٿاڻي جي احاطي ۾   ڌرڻو ھنيو ويو، جتي بدامني خلاف سخت نعريبازي ڪندي اڳواڻن چيو ته پني عاقل شھر چورن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي ۽ روزاني جي بنياد تي دڪانن مان چور آساني سان دڪانن ھنيا ٿا وڃن ۽ تالا ٽوڙي چوريون ٿي رھيون آھن، پوليس  الائي ڪنهن جي ڌڻ سان آھي جو  اھڙي چوراڪاري تي ضابطو نه آڻي رھي آھي  ۽چورن کي کليل ڇوٽ ڏني وئي آهي جو اسان جا ڪاروبار محفوظ نه  رھيا آھن ۽  روزانو جي بنياد تي ڪنهن نه ڪنهن ڪاروباري ماڻهن جي دوڪانن مان چوريون روز جو معمول بڻيل آهن، مظاھرين مطالبو ڪندي چيو ته دڪان مان چوري ٿيل لکين رپين جا موبائل سيٽ واپس ڪرائي ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي۾ آندو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.