چترال (م ڊ) چترال ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا، چترال ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا، آءِ ايس پي آر موجب چترال جي علائقي ارسون ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگرد وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، سيڪيورٽي فورسز موثر طريقي سان دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪئي، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 6 شديد زخمي ٿيا آهن، آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ امڪاني طور موجود دهشتگردن جي خاتمي جي لاءِ ڪليئرنس جاري آهي، علائقي واسين فورسز جي آپريشن جي تعريف ڪئي آهي.