ڪنڌڪوٽ(رپورٽ:عرفان علي کوسو)ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري علائقي دراني مهر ۾ پوليس پاران ڪارروائي ڪندي مغوي عاطف ڊومڪي کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، پوليس موجب ڪچي جي دراني مهر واري علائقي مان پوليس پاران ايس ايس پي مير روحيل کوسو جي هدايتن تي ڪارروائي ڪندي 7 ڏينهن پهريان اغوا ٿي ويل مغوي عاطف ڊومڪي کي آزاد ڪرايو ويو آهي، پوليس پاران اسپيشل ٽيمن جو ڪچي واري علائقي ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ مسلسل آپريشن هلندڙ آهي پوليس آپريشن ذريعي اغوا ٿي ويل ٻين مغوين کي به آزاد ڪرايو ويندو جڏهن ته مغوي جي بازيابي جي خبر گهر ۾ پوڻ شرط خوشي جي لهر ڇائنجي وئي، مغوي جي آزادي لاءِ وارثن پاران بخشاپور انڊس هاءِ وي انڌي اسٽاپ وٽ ڌرڻو هنيو ويو هو ،ايس ايس پي مير روحيل کوسو مظاهرين سان ڳالهيون ڪري مغوي کي 24 ڪلاڪن اندر بازياب ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي هئي.