ملڪ رياض ۽ عمران کي فائدو ڏيڻ لاءِ نيب پراسيڪيوٽر جنرل استعيفا ڏني!

لاهور (عوامي آواز نيوز)  سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي ويجهي دوست نيب پراسيڪيوٽر جنرل اصغر حيدر جي اوچتي استعيفا سبب هاڻي توشاخانا ۽ القادر ٽرسٽ ڪيس جا ريفرنس  داخل ٿيڻ بدران رولڙي جو شڪار ٿي  ويا آهن.

نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته اصغر حيدر جي استعيفا کي چيف جسٽس جي رٽائرمينٽ سان جوڙيو پيو وڃي، جنهن  جومقصد عمران خان، ملڪ رياض  ۽ بشريٰ  بي بي کي فوري طور نيب ڪيسن ۾ رليف ڏيڻ آهي، ڇاڪاڻ ته نيب قانون موجب  جيستائين نيب پراسيڪيوٽر منظوري ڏئي صحيح  نٿو ڪري تيستائين ڪو به  ريفرنس داخل نٿو ٿي سگهي، جڏهن ته نيب جو نئون پراسيڪيوٽر جنرل نگران حڪومت مقرر نه ٿي ڪري سگهي نئين چونڊيل حڪومت جو اختيار آهي ته نيب پراسيڪيوٽر جنرل مقرر ڪري.

ان جو مطلب اهو ٿيو ته القادر ٽرسٽ ڪيس جو ريفرنس فوري طور داخل نه ٿي سگهندو ۽ معاملو اينڊڙ چونڊ جي ايندڙ حڪومت تائين رولڙي جو شڪار رهندو. ان دوران چيف جسٽس نيب ترميمن خلاف عمران خان جي داخل پٽيشن تي فيصلو به ڏئي ڇڏيندو.

ممڪن آهي ته  نيب ترميمن خلاف فيصلو اڄ  ئي ٻڌايو وڃي، جنهن کانپوءِ معاملا  اڃان به مونجهاري جو شڪار ٿي ويندا  ڇو ته فيصلي  خلاف 30  ڏينهن ۾ نظر ثاني درخواست داخل ٿيندي ان بعد حتمي فيصلو ايندو ۽ نيب جاچ جا معاملا رولڙي جو شڪار رهندا.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز سومر 11 سپٽيمبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.