ڪراچي (نمائندن وٽان) ملڪ ۾ ايم ڊي ڪيٽ جو امتحان جاري آهي، پرچو آئوٽ ڪرڻ جو منصوبو ناڪام بڻايوويو، ڪيترن ئي شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ملڪ ۾ ميڊيڪل ڪاليجز ۾ داخلا لاءِ ايم ڊي ڪيٽ جو امتحان ورتو ويو، ڪراچي، لاهور، ڪوئيٽا ۽ پشاور سميت مختلف شهرن ۾ ميڊيڪل ڪاليجز ۾ داخلا لاءِ انٽري ورتي وئي، جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ شاگردن حصو ورتو.
ترجمان پي ايم ڊي سي ٻڌايو آهي ته ايم ڊي ڪيٽ امتحان ملڪ جي 31 شهرن ۾ هڪ وقت ورتو ويو، جنهن ۾ هڪ لک 80 هزار کان وڌيڪ اميدوارن حصو ورتو، بين الاقوامي سينٽرز ۾ 283 شاگرد ايم ڊي ڪيٽ امتحان ڏئي رهيا آهن.
پي ايم ڊي سي ترجمان موجب پنجاب ۾ 66875، سنڌ ۾ 40528، ڪي پي ڪي ۾ 46439 ۽ بلوچستان ۾ 9230 اميدوار ايم ڊي ڪيٽ جو امتحان ڏنو، پرچو وقت کان اڳ آئوٽ ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي، ڪيترن ئي شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پشاور ۾ ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج ايڊميشن ٽيسٽ ايم ڊي ڪيٽ دوران بلو ٽوٿ ڊوائس ذريعي ڪاپي ڪندڙ 43 شاگردن ۽ شاگردياڻين مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو.