ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي تان اغوا ٿيل 3 ٽرڪ ڊرائيورن جي آزادي لاءِ ڌرڻو

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ ممتازسنڌي) ڪنڌڪوٽ ڀرسان ملير انڊس ھاءِ وي تي بلوچستان کان پنچاب ڏي ويندڙ ٽرڪن تي ھٿياربندن سڌي فائرنگ ڪئي، ٽرڪن جي ٽائرن کي گوليون هنيون ويون، ٽرڪون بيھجي ويون ھٿياربند ٽن ڄڻن قدير، جھانزيب، محمد ياسين کي اغوا ڪري ويا هئا، ٽن ڄڻن جي اغوا خلاف ٽرڪ ڊرائيورن ۽ ٽرانسپورٽ يونين پاران احتجاج ڪندي واقعي واري ھنڌ تي ڌرڻو هنيو ويو، جيڪو ٻئي ڏينهن به جاري رکيو ويو، ڌرڻي سبب سنڌ کان ٻين صوبن ڏي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، مختلف شھرن ڏي ايندڙ ويندڙ ٽرڪن ۽ ٽرالرن ۾ سامان به لوڊ ٿيل آهي جيڪو ٻن ڏينهن کان وٺي  بيهجي ويو، عوام کي سخت پريشاني مان  گذرڻو پئجي رهيو آهي، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته بدامني وڌي وئي آهي، مغوين کي آزاد ڪرايو وڃي، ٻئي پاسي هڪ ڄڻي جهانزيب جي آزادي جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته پوليس پهچي هڪ ڄڻي کي آزاد ڪرايو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.