خانپورمهر (رپورٽ:ميهر)خانپورمهر ويجهو شاھپورمھر جي علائقي ڳوٺ ڦلو فقير مهر ۾ مهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان فائرنگ دوران 2 ڀائر اميد علي ۽ علي گل مهر پٽ الهوسايو مهر مارجي ويا، اطلاع ملڻ تي شاھپور مھر چوڪي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي پر اهلڪارن کي ويجهو نه اچڻ ڏنو ويو، جنهن بعد خانپورمهر مان پوليس جي وڌيڪ نفري طلب ڪئي وئي، پوليس واقعي واري هنڌ پهتل آهي پر پوليس کي لاش نه ملي سگهيا آهن، ٻڌايو پيو وڃي ته 1998 کان راڻو ۽ راوت مهر واري ڌر ۾ پاڻي جي واري تان تڪرار شروع ٿيو جنهن ۾ 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي.