ڪراچي (نمائندن وٽان) پريا ڪماري ۽ ساگر ڪمار، سومر لاڙڪ ۽ ٻين مغوين جي آزادي لاءِ سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي، مختلف شهرن ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي، ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا ويا، هندو پنچائت جي سڏ تي ٺري مير واهه ۽ ٻين شهرن ۾ ڪاروبار بند رکيو ويو، گپچاڻي، ٺارو شاهه ۽ ڪنڊيارو ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون، نصيرآباد، مدئجي ۽ نوشهروفيروز ۾ ڌرڻا هڻي روڊ بلاڪ ڪيا ويا، ٺل ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيوويو، فضيلا سرڪي جا والدين به احتجاج ۾ شامل ٿيا، ٻئي پاسي ٺاروشاهه ڀرسان 15 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ڳوٺ موليڏنو لاڙڪ جي رهواسي نوجوان سومر لاڙڪ جي آزادي لاءِ ايس يو پي طرفان ٿاڻي اڳيان احتجاج ڪيو ويو، مٺياڻي ۾ اصغريه آرگنائيزيشن يونٽ مٺياڻي پاران ڌاڙيل راڄ ۽ سنڌ جي نياڻي معصوم پريا ڪماري جي آزادي لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي سيد اظھار علي شاھ، سيد علي نقوي شاھ، اسرار علي چانڊيو، علي جان مستوئي، عزادار منير احمد سيال ۽ ڪري رهيا هئا، مظاهرين جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ بدامني جي باهه وڌي وئي آهي، ڪنڌڪوٽ ۾ لڳل ڌرڻا ختم ڪرائڻ بعد خاطرين تي عمل ناهي ٿيو، پرياڪماري، فرحان اڄڻ، سومر لاڙڪ، ساگر ڪمار، فضيلا سرڪي ۽ ٻين مغوين کي فوري آزاد ڪرايو وڃي.