حيدرآباد(رپورٽر) وومين ايڪشن فورم فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس جي ايف آئي آر ۾ مک جوابدار ڄاڻايل حنا شاھه ۽ مددگار فياض شاھه کي اڃا تائين گرفتار نه ڪري سگھڻ واري پوليس جي روايتي سستي ۽ تاخيري حربي جي استعمال ڪرڻ تي انتھائي ڳڻتي جو اظھار ڪندي سنڌ جي نئين مقرر ٿيل آءِ جي سنڌ پوليس، چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۽ وزير اعليٰ سنڌ کان نوٽيس وٺڻ جي گھر ڪندي چيو آھي ته ايف آئي آر ۾ نامزد مک جوابدار حنا شاھه کي گرفتار ڪرڻ سميت پوليس جاچ جي کٽل پاسن جو نوٽيس وٺي، ھاڻوڪي نئين مقرر ايس ايس پي کي ھدايت ڪئي وڃي ته جاچ اندر ڪوتاھين جو جائزو وٺڻ سميت مک جوابدار کي جلد کان جلد گرفتاري لاءِ اھم اپاءُ وٺن، وومنز ايڪشن فورم سمجھي ٿي ڏھه ورھين جي نينگري فاطمه ڦرڙو جنھن جو تشدد ٿيل لاش پيرن جي حويلي مان مليو ان سڄي سنڌ توڙي ٻاھرين ميڊيا کي به ڇرڪائي وڌو ھو، ان انتھائي ھائي پروفائل ڪيس ۾ ٿيندڙ جاچ عمل غير مطمئن ڪندڙ آھي، وومينز ايڪشن فورم ان کي ھڪ انتھائي حساس نوعيت جو ڪيس سمجھي ٿي، جنھن ۾ بعد از تدفين پوسٽ مارٽم رپورٽ بھ ظاھر ڪيو ته ناقابل برداشت تشدد سميت ڇوڪري سان ڪيترائي دفعا جنسي فعل ٿيل آھي ۽ سندس اڳيان پويان نوان ۽ پراڻا زخم آھن، ان کان علاوھ پڻ سندس جسم جي ھر عضوي تي تشدد جا نشان آھن، ڇوڪري ٽن مھينن کان سندس والدين پاران پيرن جي گھر ۾ ڪم ڪارلاءِ ڇڏيل ھئي، جتان کين 14 آگسٽ تي ٻارڙي جو تشدد شده لاش مليو، ڪيس ھائي پروفائيل ھجڻ ڪري سول سوسائٽي ۽ سوشل ميڊيا جي تحريڪ کانپوءِ جيتوڻيڪ ھڪ جوابدار اسد علي شاھه جي گرفتاري سان گڏ سندس علاج ڪندڙ ڊاڪٽر ۽ ڪجھه لاڳاپيل ماڻھن جون گرفتاريون بر وقت ٿيون جن کي ابتدائي جاچ کانپوءِ آزاد ڪيو ويو، وومين ايڪشن فورم، ڪيس تان سوشل ميڊيا جي ڌيان ھٽي وڃڻ کانپوءِ پوليس جي ڪارڪردگي کي غير اطمينان بخش قرار ڏيندي گھر ڪئي آھي ته ايف آئي آر ۾ نامزد مک جوابدار حنا شاھه کي جلد گرفتار ڪيو وڃي ۽ گرفتار ٿيل جوابدار اسد شاھه جي والده جي پريس ڪانفرنس جي روشني ۾ فياض شاھه کي پڻ گرفتار ڪري جاچ ڪئي وڃي.