سياسي پارٽيون جلد چونڊن تان دستبردار، معاشي بحالي اوليت قرار

لاهور (عوامي آواز نيوز) ملڪ ۾ عام چونڊن بابت بحث هلي رهيو آهي ته چونڊون ٿينديون يا ڊگهي مدي بعد ٿينديون، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن اشارو ڏنو هو ته چونڊون جنوري جي آخر يا فبروري ۾ ٿينديون، ان هوندي به  سياسي تجزئي نگار مونجهاري جو شڪار آهن، نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته محسوس ٿي رهيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ اهم سياسي پارٽين کي به اعتماد ۾ وٺي ڇڏيو آهي. ڇو ته تازو لاهور  ۾ صحافين سان ڳالهائيندي جي يو آءِ اڳواڻ مولانا فضل الرحمان چيو ته بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ امن امان  جي صورتحال خراب آهي. مان پنهنجي تڪ ڊيرا اسماعيل خان ۾ به چونڊ مهم هلائي نٿو سگهان. اهڙي صورتحال ۾ چونڊون ڪيئن ممڪن اهن، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري به وطن پهچي ويو آهي. جنهن بلاول ڀٽو زرداري جي موقف  جي بلڪل ابتڙ موقف اختيار ڪيو آهي. چئي ٿو ته پهرين معيشت پوءِ سياست جڏهن ته ان سموري صورتحال ۾ مسلم ليگ بلڪل خاموش آهي. ان ڪري مجموعي صورتحال  مان نٿو لڳي ته چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون. ان صورتحال ۾ اڳوڻي پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اسٽيبلشمينٽ جو  ترجمان سمجهيو ويندڙ فيصل واوڊا جو نيشنل ميڊيا تي ويهي چوڻ ته آئين ۽ جمهوريت عوام کي ڇا ڏنو آهي. آرمي چيف کي انهن لواز مات کي پاسيرو رکي سعودي  بادشاهه محمد بن سلمان جيان ملڪ کي معاشي طور ترقي ڏيارڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. فيصل واوڊا جو هن مرحلي تي اهو موقف  به انتهائي اهم آهي، محسوس ٿي رهيو آهي ته جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ معاشي بهتري آڻي عوام کي ڪو رليف ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ته پوءِ هي نگران حڪومت ڊگهو عرصو قائم رهندي. ٻيو حل اهو ٿي سگهي ٿو ته عالمي دٻاءُ  ۽ دوست ملڪن جي فرمائش تي چونڊون ڪرايون وڃن ان صورت ۾ مسلم ليگ (ن) کي موقعو ڏنو ويندو. ڇو ته چين توڙي عرب ملڪ اڳ ئي نواز شريف تي  اعتماد جو اظهار ڪري چڪا آهن.سعودي عرب، قطر، عرب امارات ۽ ڪوويت به تڏهن وڏي سيڙپڪاري ڪندا جڏهن کين پڪ ٿيندي ته ايندڙ حڪومت ۾ وزير اعظم نواز شريف هوندو. اهو ئي سبب آهي ته اسٽيبلشمينٽ جو هينئر به جهڪاءُ  مسلم ليگ (ن) ڏانهن آهي، ان ڪري اڳواڻ چونڊن جي معاملي تي پر اسرار طور خاموش آهن، ان حوالي سان جيئن جيئن  وقت گذري رهيو آهي تيئن تيئن صورتحال واضح ٿي رهي آهي. في الحال ته سياسي پارٽيون بظاهر جلد چونڊن واري موقف تان پٺتي هٽنديون نظر اچي رهيون آهن، جيڪڏهن نگران حڪومت عوام کي ڪو رليف ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ته مهانگائي  ماريل عوام به چوڻ  شروع ڪندو ته موجود ه نگران سرڪار بهتر آهي. چونڊن جي ڪهڙي ضرورت آهي ۽  صورتحال بظاهر ان طرف وڃي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.