ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پوليس مقابلا، 8 زخمي ڏوهارين سميت 11 ڄڻا گرفتار

ڪراچي( رپورٽر ) ڪراچي پوليس شھر جي مختلف علائقن ۾ ڪاروايون ڪندي پوليس مقابلن ۾ 8 زخمي ڏوھارين سميت 11 ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو، بلديا  جي علائقي گلشن مزدور سعيد آباد ۾ پوليس ۽ ڏوهارين جي جي وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ مزمل ولد قاسم ۽ سندس ساٿي وقاص ولد ابراھيم زخمي ٿي پيا، علي ڳڙھ سوسائٽي سھراب ڳوٺ ۾ پوليس ۽ ڦورن جي وچ ۾ مقابلي جي دوران پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ زخمي ملزم عبدالوھاب ولد علي اڪبر کي ساٿي سھيل ولد سلامت کي گرفتار ڪري 2 پستول، موٽرسائيڪل ھٿ ڪري ورتي، پوليس موجب اسلم ملڪ شاپ لياقت آباد نمبر 7 ڀرسان پوليس ۽ ڦورن جي وچ ۾ مقابلي جي دوران پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ڦورو دانش ولد نعيم ڍي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري پستول ھٿ ڪري ورتو، ڪورنگي صنعتي ايريا ٿاڻي جي پوليس موجب گدام چورنگي لڳ پوليس ۽ ڦورن جي وچ ۾ مقابلي جي دوران پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ 2 ملزم طاھر ولد خليل ۽ ڪامران ولد نعيم الدين کي زخمي حالت ۾ پوليس گرفتار ڪري ورتو، ڪورنگي جي علائقي راجپوتانا اسپتال جي ڀرسان پوليس مقاملي ۾ سلطان عرف ھوا، عاصم کي ساٿي  ڏوهاري رضوان سميت گرفتار ڪندي ھٿيار ۽ ٻيو سامان ھٿ  ڪيو ويو.

هوسڙي  لڳ ڪارروائي،  منشيات فروش گرفتار، هڪ ڪلو چرس هٿ

حيدرآباد (اي پي پي) حيدرآباد جي هوسڙي ٿاڻي جي پوليس ڳجهو اطلاع ملڻ تي لنڪ روڊ قاسم پنهور وٽ ڪارروائي ڪري ٻن منشيات فروشن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. تفصيل مطابق ڪالهه هوسڙي ٿاڻي جي پوليس ڳجهو اطلاع ملڻ تي  لنڪ روڊ قاسم پنهور وٽ ڪارروائي ڪري ٻن منشيات فروشن شهزاد عرف منا خواجه ۽ شير علي خواجه کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان هڪ ڪلو چرس هٿ ڪيو آهي.  پوليس موجب شروعاتي جاچ دوران جوابدارن مختلف علائقن ۾ چرس سپلائي ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي .جوابدارن خلاف نارڪوٽڪس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

جج جي موڪل، سائفرڪيس جي ٻڌڻي بنا ڪارروائي ملتوي

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف ڪيس جي ٻڌڻي اڄ سيڪٽر ايڪٽ ڪورٽ جي جج ابوالحسن ذوالقرنين جي موڪل تي ٿيڻ سبب ملتوي ڪئي وئي. عدالتي عملدارن  پي ٽي آءِ جي وڪيلن کي جج ابوالحسنات ذوالقرنين جي وڃڻ بابت آگاهه ڪيو. ڪيس جي ٻڌڻي 11 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي ڇاڪاڻ ته سيڪٽر ڪورٽ جي جج موڪل تي هئي. ياد رهي ته اڄ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي جي وڪيلن سيفرنس ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست تي دليل ڏنا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.