ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ) دي انٽيليڪچوئل فورم پاران بينڪر، سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي باني فضل سليمان شيخ ۽ سگا جي باني، شاگرد اڳواڻ ڊاڪٽر سليمان شيخ جي مان ۾ مقامي هوٽل ۾ رکيل پروگرام فضل سليمان شيخ چيو ته سنڌين ۾ اتفاق ۽ اتحاد نه آهي، ان ڪري ئي اهڙي صورتحال تائين پهتا آهيون، ان ڪري سنڌين کي چئلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ اتحاد ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته موجوده غيريقيني صورتحال ۾ سنڌ واسين لاءِ موقعو آهي ته هو احتجاج ڪن، پارٽين مان ڪا به اميد نه ڪرڻ گهرجي، ان ڪري سنڌين کي نئين قيادت آڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سنڌين کي گهرجي ته سياسي پارٽين پويان لڳڻ بدران پنهنجا اميدوار آڻين، ان لاءِ گڏيل تنظيم ٺاهي عوام جي اعتماد حاصل ڪيو وڃي، اليڪشن لاءِ روڊن تي مٽ رکو ڏسو ته عوام ڪئين ٿو مدد ڪري. هن چيو ته سنڌ جو عوام غربت جو شڪار آهي ان ڪري پنهنجي اولاد کي وڏيرن وٽ نوڪري لاءِ ڇڏين ٿا پوءِ اهي ظلم جو شڪار ٿين ٿا. ڊاڪٽر سليمان شيخ چيو ته سگا جو ڪم عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ هو، اسان عوام ۾ پنهنجن حقن لاءِ آواز اٿارڻ بابت سجاڳي ڏني، هن چيو ته سنڌين کي ايماندار قيادت ۽ مضبوط سول سوسائٽي جي ضرورت آهي، مايوس ٿيڻ ۾ يقين نه ٿو رکان، عورتن کي هر مهم ۾ شامل ڪيو وڃي ائين ڪرڻ سان مسئلن جي حل ۾ آساني ٿيندي.دي انٽيليڪچوئل فورم جي چيئرمين مسعود نوراني چيو ته سنڌ واسين سميت پوري ملڪ واسين ۾ ٻڌي نه آهي، ان ڪري ئي ترقي نه ڪري سگهيا آهيون، سماج سڌارڪ امان الله شيخ چيو ته قومپرست هڪٻئي تي اعتماد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، هاڻي سياست کي مڊل ڪلاس ئي اڳتي کڻي هلندو، تجزئي نگار اعجاز خواجه چيو ته هاڻي سول سوسائٽي ئي اڳواڻي ڪري سگهي ٿي، سياسي پارٽين کي عوام پنهنجي طاقت ڪشمور ڌرڻي ۾ ڏيکاري چڪو آهي،. ان کان اڳ غلام اڪبر ملڪ، اي بي لاشاري ۽ بخش علي لاکو به خطاب ڪيو.