سياسي ۽ آئيني طور آصف زرداري بدران پارٽي فيصلن جو پابند آهيان: بلاول

ڪراچي/حيدرآباد/سکر( نمائندا) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته گهر جي معاملن تي آصف علي زرداري جي لفظن جو پابند آهي پر سياسي ۽ آئيني معاملن تي هو ڪارڪنن ۽ پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي فيصلن جو پابند آهي.  اسان ھر صورت ۾ جمھوريت ۽ آئين کي مضبوط ۽ بحال رکنداسين، عوام جي بنيادي مسئلن کي حل ڪبو.  اھڙن خيالن جو اظھار ھن ڪالھھ عوامي رابطا مھم جي سلسلي ۾ گھارو، ٺٽو، سجاول، بدين ۽ ٽنڊو محمد خان کانپوءِ حيدرآباد جي فتح چوڪ واري علائقي ۾ عوامي ميڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اسان جمھوريت جي لاءِ قربانيون ڏنيون آھن ۽ ايندڙ وقت ۾ به جمھوريت جي لاءِ قربانيون ڏيڻ جي لاءِ تيار آھيون، جمھوري طريقي سان سليڪٽيڊ نيازي کي ڀڄائي ڪڍيوسين, چونڊون هر صورت ۾ 90 ڏينهن ۾ ٿيڻ گهرجن, جيڪڏهن 90 ڏينهن ۾ نٿيون ٿين پوءِ ڪڏهن ٿينديون يا 120 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻيون آهن, چونڊون ته 60 ڏينهن ۾ ٿيڻ گهرجن, اليڪشن ڪميشن ٻڌائي ته ڪڏهن چونڊن جو شيڊول جاري ٿيندو. عوام مهانگائي جي ڪري پريشان آهي, عوام جون پريشانيون وڌي رهيون آهن, آئون لاهور طرف وڃي رهيو آهيان, جتي سي اي سي جو اجلاس ٿيندو ۽ اتفاق راءِ سان فيصلا ڪنداسين, عوام کي مايوس نه ڪنداسين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حيدرآباد جو عوام پيپلزپارٽي سان گڏ آھي، جن اڄ وڏي تعداد ۾ گڏ ٿي تاريخي آجيان ڪري ثابت ڪيو آھي ته عوام پيپلزپارٽي کي چاھي ٿو، عوام جي ووٽ ۽ طاقت سان حيدرآباد جو ميئر به پيپلزپارٽي جو ٿيو آھي. ھن چيو تھ پيپلزپارٽي مھانگائي کان ويندي ھر عوامي مسئلي تي عوام سان گڏ ھوندي، عوام کي ڪڏھن بھ اڪيلو نه ڇڏينداسين ۽ عوام جي طاقت سان ايندڙ وزيراعظم بھ پيپلزپارٽي جو ٿيندو. پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي حيدرآباد جي فتح چوڪ واري علائقي ۾ پھچڻ تي حيدرآباد جي ميئر ڪاشف شورو، پ پ ضلعي حيدرآباد جي صدر صغير قريشي ۽ علي محمد سھتو سميت اڳوڻن ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز سندس آجيان ڪئي، بلاول ڀٽو زرداري جي ريلي جي صورت ۾ فتح چوڪ پھچڻ تي پ پ جي مرد توڙي عورت ڪارڪنن سندس آجيان ڪندي وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري جا نعرا پڻ ھنيا، جنھن بعد پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حيدرآباد سان تعلق رکندڙ پيپلزپارٽي جي اڳوڻي ايم اين اي سيد طارق شاھھ ڄاموٽ جي رھائشگاھھ روانو ٿي ويو، جتي رات ترسندو ۽ اڄ آچر جي ڏينھن مٽياري، ھالا، سعيد آباد کان ٿيندو نوابشاھھ ۽ سڪرنڊ ۾ عوامي ميڙن کي خطاب ڪندو. بدين جي منڌرا هائوس تي اڳوڻي سينٽر ڊاڪٽر سڪندر منڌرو جي وفات تي سينٽر ڊاڪٽر سڪندر منڌرو سان تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ ڊي پي او چوڪ ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي ملڪ تي ڏکئي وقت قربانيون ڏنيون آهن ماضيءَ ۾ جڏهن ملڪ ٻه اڌ ٿيو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اقتدار سنڀالي ملڪ کي سنڀالي ورتو هن وڌيڪ چيو ته هن 90 ڏينهن ۾ اليڪشن جو مطالبو ملڪ جي آئين موجب ڪيو آهي پر پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جيڪو فيصلو ڪيو ان تي عمل ٿيندو بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته ملڪ جي عوام هر پارٽي کي آزمايو آهي پر عوام نعرن ڪوڙين دعوائن بجاءِ عوام پنهنجي مسئلن جو حل چاهي ٿي جيڪو حل صرف پيپلزپارٽي وٽ آهي هن چيو ملڪ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت هوندي ته غريب مسڪين هاري مزدور جي حڪومت هوندي اسان جي دور ۾ بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي غريب مستحق عورتن جي مالي مدد ڪئي وئي جنهن کي دنيا انقلابي قدم قرار ڏنو آهي ملڪي مسئلن جو حل صرف قائد عوام جي ڏنل منشور ۾ آهي هن چيو ته تازي مڪاني چونڊن جي نتيجن سان اها ڳالهه واضع ٿي آهي ته ملڪ جو عوام پيپلز پارٽي سان گڏ بيٺل آهي هن چيو ته عام چونڊون ويجهو آهن تنهن ڪري ڪارڪنن ۽ جيالن کي ان جي تياري ڪرڻ گهرجن هن چيو چيو ڊاڪٽر سڪندر منڌرو اسان جي پارٽي جو قيمتي سرمايو هو پيپلزپارٽي سندس پارٽي لاءِ قربانين وفاداري ۽ خدمتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي هن جو وڌيڪ چوڻ هو بدين جي عوام هميشه اسان جو ساٿ ڏنو آهي اڄ جو شاندار استقبال هجي يان سال 2018 جون عام چونڊون هجن توڙي ملڪ ۾ مهانگائي خلاف مارچ ۽ عدم اعتماد جي تحريڪ هجي بدين جو عوام هميشه اڳڀرو رهيو آهي جنهن لاءِ ڪارڪنن جيالن توڙي ضلع قيادت جس لهي ان موقعي تي اڳوڻو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه شرجيل انعام ميمڻ نثار کهڙو عاجز ڌامراهه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. بدين ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته رڳو گهر جي ڳالهين ۾ آصف زرداري جي بيانن جو پابند آهيان، سياسي ۽ آئيني معاملن ۾ پيپلز پارٽي جِي سي اي سي جَي فيصلن جو پابند آهيان، تڪبندين کانپوءِ چونڊن واري بيان بابت سوال آصف زرداري کان ئي پڇڻ گهرجي، سي اي سي اجلاس ۾ فيصلو ٿيو هو ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرايون وڃن. بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته معاشي مسئلا ايڏا ته ڳنڀير آهن جو نگران حڪومت حل نٿي ڪري سگهي، نگران حڪومت بجلي، پيٽرول ۽ ڊالر جو مُلهه گهٽائي سگهي ٿي ته ڀلي جادو ڏيکاري، معاشي بحران جلد حل ٿيڻ وارو نه آهي، اُن کي عوام جي چونڊيل حڪومت ئي حل ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته ڪيئر ٽيڪرز تي اعتراض ناهي، پر هو چيئر ٽيڪرز نه بڻجن، جتي وڃان ٿو، عوام جي چهرن تي مايوسي نظر اچي ٿي، معاشي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.