صدر علوي سان اهم شخصيت ملاقات ڪري پيغام پهچايو

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) صدر عارف علوي سان اهم شخصيت ملاقات ڪري کيس اهم پيغام پهچايو آهي. نامياري صحافي اسد علي طور جو چوڻ آهي ته آمر مشرف جي دور ۾ اطلاعات کاتي جو وزير  رهندڙ محمد  علي دراني ايوان صدر ۾ عارف علوي سان اهم ملاقات ڪئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ان ملاقات دوران محمد علي دراني  صدر علوي کي پيغام ڏنو ته عمران خان کي سمجهايو ته هو سياسي عمل جو حصو رهڻ چاهي ٿو ته پنهنجي روئي ۾ نرمي آڻي ۽ هيٺاهين  اختيار ڪري ٻي صورت ۾ سندس سياست جونالو نشان ختم ٿي ويندو. ڇو ته موجوده ابتر معاشي حالتن ۾ ڪنهن به قسم جي سياسي غير يقيني برداشت نه ڪئي ويندي نه صرف پي ٽي آءِ پر ڪنهن به سياسي پارٽيءَ  کي غير يقيني صورتحال پيدا ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ نه ئي رعايت ڪئي ويندي. صحافي موجب ڏسڻو آهي ته عارف علوي ڪيترو ڪامياب ٿئي ٿو ۽ عمران خان کي ڪيئن سمجهائي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.