اسلام آباد(م ڊ) وفاقي قانون واري وزارت ۽ ٻين ڌرين سپريم ڪورٽ جي ريويو آف ججز اينڊ آرڊرز ايڪٽ کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف نظرثاني درخواست داخل ڪري ڇڏي. درخواست ۾ سپريم ڪورٽ کي 11 آگسٽ جي فيصلي تي نظرثاني جي درخواست ڪئي وئي آهي. نظرثاني درخواست ۾ اضافي دستاويزن لاءِ 15 ڏينهن جو وقت گهريو ويو آهي. واضح رهي ته سپريم ڪورٽ 11 آگسٽ تي ريويو آف ججز اينڊ آرڊرز ايڪٽ ڪالعدم قرار ڏنو هو. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ نظرثاني ايڪٽ کي پارليامينٽ جي قانون سازي جي اختيارن تي قبضو قرار ڏنو. ياد رهي ته نظرثاني ايڪٽ ۾ آرٽيڪل 184 (3) تحت ڪيس جي فيصلي خلاف اپيل جو حق متاثر ڌر کي ڏنو ويو هو. پارليامينٽ جي منظوري کانپوءِ صدر طرفان 26 مئي تي ايڪٽ تي صحيحون ڪيون ويون، جنهن کانپوءِ سپريم ڪورٽ نظرثاني ايڪٽ 29 مئي کان لاڳو ٿي ويو.