هاڻي سم جي ضرورت ناهي، دنيا جو پهريون سيٽلائٽ فون متعارف

چيني ڪمپني هواوي آمريڪا سوڌو ٻين ملڪن جي پابندي ۽ ڏکيائين باوجود سيٽلائٽ نيٽورڪ تي هلندڙ پهريون سمارٽ فون متعارف ڪرائي ڇڏيو.

هواوي ميٽ 60 پرو پلس کي نه رڳو فائيو جي سپورٽ سان گڏ پيش ڪيو ويو آهي پر ڪمپني جي دعويٰ آهي ته ڄاڻايل فون سيٽلائٽ موبائل نيٽورڪ تي به هلندو، جنهن جو مطلب اهو آهي ته عام موبائل نيٽورڪس جي ضرورت نه پوندي.

پر ڪمپني اهو واضح ناهي ڪيو ته هواوي: ميٽ 60 پرو پلس، ڪهڙن ڪهڙن ملڪن ۽ خطن ۾ سيٽ لائٽ نيٽورڪ تي ڪم ڪري سگھي ٿو.

ڪمپني موجب ڄاڻايل فون چين طرفان 2016ع ۾ متعارف ڪرايل موبائل نيٽورڪ سيٽلائٽ”تيارنٽونگ“ (Tiantong satelliteُ) تي هلندو.

اهو ڪمپني جو پهريون فون هوندو جيڪو سيٽلائٽ نيٽورڪ تي به هلندو، پر ان کانسواءِ فون عام موبائل نيٽورڪس تي به ڪم ڪندو ۽ گڏوگڏ ڪمپني جي دعويٰ آهي ته ان ۾ اهڙي ٽيڪنالوجي استعمال ڪئي وئي آهي، جنهن بابت ڪمپني جي دعويٰ آهي ته ان ۾ اهڙي ٽيڪنالوجي استعمال ڪئي وئي آهي، جنهن سان ڊائون لوڊنگ جي رفتار بهتر بڻجندي.

يعني ڄاڻايل موبائل سان واهپيدار جڏهن به ڪا شيءَ ڊائون لوڊ ڪرڻ چاهيندو ته فون ٻين فونز جي ڀيٽ ۾ تيزي سان ڊائون لوڊنگ ڪندو.

هواوي ميڊ 60 پرو پلس کي 12 جي بي ريم ۽ 256 جي بي ميموري سان گڏ متعارف ڪرايو آهي ۽ ان ۾ به ڪمپني پنهنجو ئي آپريٽنگ سسٽم يعني هارمني او ايس ڏنو آهي.

فون کي 13 ميگا پڪسل جي اپگريڊ ٽيڪنالوجي رکندڙ سيلفي ڪيمرا جڏهن ته ٽن بيڪ ڪيمرائن سان گڏ متعارف ڪرايو ويوآهي.

هواوي ميٽ 60 پرو پلس جي بيڪ تي ڏنل ٽن مان ٻه ڪيمرا ترتيبوار 48 ميگا پڪسل جا آهن جڏهن ته ٽين 40 ميگا پڪسل جي آهي.

فون ۾ فنگر پرنٽ سينسر سوڌو چهري جي سڃاڻپ جي ٽيڪنالوجي به ڏني وئي آهي ۽ ان ۾ 5 هزار ايم اي ايڇ بيٽري کي 44 واٽ فاسٽ چارجر سان گڏ پيش ڪيو ويو آهي.

فون ۾ وائرليس چارجر به ڏنو ويو آهي ۽ ان جي اسڪرين 8-6 انچ رکي وئي آهي.

فون کي فوري طور تي وڪري لاءِ پيش ناهي ڪيو ويو، پر سڄي دنيا جا واهپيدار ڪمپني جي ويب سائيٽ تي ان کي آن لائين خريد ڪري سگھندا.

ان جي قيمت پاڪستاني 2 لک 90 هزار رپين تائين رکي وئي آهي، يعني ان جي قيمت هڪ هزار آمريڪي ڊالرز کان ڪجهه گهٽ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.