ڀارت خلاف پاڪستان ٽيم ۾ ڪهڙا رانديگر شامل هوندا؟ اعلان ٿي ويو

ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ جي سُپر فور مرحلي ۾ پاڪستان ڀارت خلاف ميچ لاءِ پنهنجي پليئنگ اليون جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

پاڪستان سُپر فور فور مرحلي جي ٻي ميچ سڀاڻي ڀارت خلاف کيڏندو.

پاڪستان ڀارت خلاف ساڳي ٽيم سان ميدان تي لهندو جيڪا بنگلاديش خلاف آخري ميچ کيڏي هئي.

پاڪستان ٽيم ۾ ٽي فاسٽ بالر، هڪ فاسٽ بالنگ آل رائونڊر، ٽي اسپنر آل رائوندڙ شامل آهن.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم

فاسٽ بالنگ جي شعبي ۾ شاهين آفريدي، نسيم شاهه ۽ حارث رئوف کي فهيم اشرف سپورٽ ڪندو.

اسپين ڊپارٽمينٽ ۾ نائب ڪپتان شاداب خان، افتخار احمد ۽ سلمان علي آغا شامل هوندا.

ٽاپ آرڊر ۾ فخر زمان، امام الحق ۽ ڪپتان بابر اعظم شامل آهن، جڏهن ته محمد رضوان وڪيٽ ڪيپنگ ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.