سون مسلسل پنجين ڏينهن سوين رپيا سستو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) مُلڪ ۾ مسلسل پنجين ڏينهن سون جي قيمتن ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، مُلڪ ۾ سون پنج سئو رُپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ في تولو ٻه لک 12 هزار رُپين جو ٿي ويو آهي.

ڏهه گرام سون 428 رُپيا لاٿ بعد هڪ لک ايڪاسي هزار ست سئو ڇاونجاهه رُپين جو ٿي ويو آهي.

عالمي مارڪيٽ ۾ سون چار ڊالر سستو ٿيڻ کانپوءِ في اونس 1919 ڊالر جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.