جيڪا مون سان ڪم ڪندي اها ستارو بڻجي ويندي: همايون سعيد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪار همايون سعيد چيو آهي ته جيڪا ڇوڪري مون سان گڏ ڪم ڪندي آهي سپر اسٽار بڻجي ويندي آهي.
هدايتڪار، پروڊيوسر ۽ اداڪار همايون سعيد جو هڪ انٽرويو ۾ چوڻ هو ته اداڪارا سجل علي ۽ يمنٰي زيدي سان گڏ ڊرامن ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيو آهيان. جيڪا ڇوڪري مون سان گڏ فلم يا ڊرامي ۾ ڪم ڪندي آهي سپر اسٽار بڻجي ويندي آهي.
همايون سعيد جو وڌيڪ چوڻ هو ته ماهران خان منهنجي نئين فلم جي هيروئن آهي. سندس شادي سان ڪو به فرق نه پوندو آئون فلم جو شيڊيول تبديل ڪري ڇڏيندس. ماهرا خان سان گڏ فلم ”روئي“ ۾ ڪم ڪيو. شوقينن اسان جي جوڙي کي پسند ڪيو هو اميد آهي ته نئين فلم ۾ به اسان جي جوڙي ماڻهن کي پسندي ايندي.
اداڪارا چيو ته سوشل ميڊيا سبب منهنجي زندگي ۾ ڪا به تبديلي ناهي منهنجو ڌيان ڪم تي گھڻو سوشل ميڊيا تي گھٽ هوندو آهي. ڪجهه بيوقوف ماڻهو مون سان ساڙ ڪندا آهن باقي ٻيا سڀ مون سان پيار ڪندا آهن. تنقيد ڪندڙن کي پنهنجي عمدا ڪم سان جواب ڏيندو آهيان. سال 2024ع ۾ 6 فلمون ٺاهيندس. ماضي ۾ ”مين هون شاهد آفريدي“ ٺاهي فلم انڊسٽري کي سنڀاليو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.