پ پ جو اڳوڻو ايم پي اي به بجلي چور نڪتو!

ملتان ( ويب ڊيسڪ ) ملتان اليڪٽرڪ پاور ڪمپني ( ميپڪو ) ٽيم پوليس فورس ساڻ ڪري صادق آباد ۾ بجلي چورن خلاف آپريشن ڪيو.

ميپڪو ترجمان موجب، پ پ جي اڳوڻي ايم پي ايم ممتاز علي چانگ جي گهر بجلي جي چوري پڪڙي ورتي.

ترجمان ٻڌايو ته اڳوڻي ايم پي اي پنهنجي فارم هائوس ۾ ڊائريڪٽ تارون لڳائي ڇڏيون هيون، جنهن تي ٻارنهن کي وڌيڪ اي سي هلي رهيا هئا، بجلي چوري ڪري قومي خزاني کي ڳرو نقصان پهچايو پئي ويو.

ترجمان جو چوڻ آهي ته ميپڪو جي ٽيم پوليس جي موجودگيءَ ۾ ڪنيڪشن ڪٽي تارون قبضي ۾ وٺي ڇڏيون ۽ اڳوڻي ايم پي اي خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.