عمران خان آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۾ ترميمن کي سُپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۾ ترميمن کي سُپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو.

پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان ايڊووڪيٽ شعيب شاهين ذريعي آئيني درخواست سُپريم ڪورٽ ۾ 184 ٽي تحت داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ وفاق، صدر، گهرو وزارت ۽ قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري کي ڌر بڻايو ويو آهي،

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ترميمي ايڪٽ بنيادي انساني حقن سان ٽڪراءَ آهي، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ڳجهن ادارن کي بنا وارنٽ ڪنهن جي به گهر ۾ گهڙي تلاشي وٺڻ جو اختيار ڏيڻ غير آئيني آهي.

درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته صدر سوشل ميڊيا تي وضاحت ڪري چڪو آهي ۽ هن ٻنهي قانونن جي منظوري ناهي ڏني.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته آفيشل سيڪريٽ ترميمي ايڪٽ 2023 آئين جي آرٽيڪل اٺ سان ٽڪراءَ آهي جنهن موجب ڪو به قانون جيڪو بنيادي حقن سان هڪجهڙائي نٿو رکي يا خلاف آهي ان کي ڪالعدم قرار ڏنو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.