ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا ۽ مادل ناديا حسين چيو آهي ته عوام جي دماغ ۾ ڪيڙو هوندو آهي جيڪي ڪنهن به شيءِ کي هاڪاري ناهن وٺندا.
هڪ پوڊ ڪاسٽ انٽرويو ۾ ادڪارا ناديا حسين جو چوڻ هو ته اسان جي عوام جو 70 سيڪڙ انگ ساڙ ۽ نفرت سبب هر شيءِ کي ناهاڪري انداز ۾ وٺندو آهي. عوام جي دماغ ۾ ڪيڙو آهي جيڪي ڪنهن به ڳالهه کي هاڪاري ناهن وٺندا. ساڙ ۾ مبتلا ماڻهو سوچيندا آهن ته جيڪو هنن وٽ ناهي اهو ڪنهن ٻئي وٽ به نه هجي.
هن چيو ته ماڻهن وٽ ٽيڪنالوجي ته اچي وئي پر ان کي استعمال ڪرڻ جو عقل ۽ تميز ناهي آئي. ڪو مون تي يا منهنجن ٻارن تي ناڪاري ڪمينٽس ڪندو ته آئون جواب ڏينديس. مون کي سوشل ميڊيا تي ميسيج مليو ته آئون توسان نفرت ڪندو آهيان. ڪنهن کي به ان ڳالهه جي اجازت نه ڏينديس ته مون يا منهنجي ٻارن جي عزت نفس کي نقصان پهچائي.
اداڪارا ناديا حسين جو چوڻ هو ته جتي اوهان کي لڳندو آهي ته اوهان ٺيڪ آهيو اتي اوهان کي ڳالهائڻ گھرجي. دنيا معاف ڪرڻ واري ناهي اوهان کي موٽائي جواب ڏيڻ گھرجي. جيڪڏهن ڪو بدتميزي ڪري ته ان کي چماٽ هڻڻ گھرجي.
You might also like