ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سنڌ ۾ نئين ۽ جونيئر آءِ جي پوليس رفعت مختار راجا سان سينيئر آفيسرن رنجش ۾ گهٽتائي نه اچي سگهي.
سندس مقرريءَ واري فيصلي تي مايوسي جو شڪار سينيئر پوليس آفيسر لڳاتار موڪلن تي آهن ۽ صوبي ۾ گريڊ 20 ۽ 21 جي آفيسرن جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي.
صوبي ۾ جي پوليس جو نظام هلائڻ لاءِ آءِ جي سنڌ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خادم حسين رند کي وڌيڪ ٽن ايڊيشنل آءِ جيز جي عهدن جون ذميواريون سونپي ڇڏيون آهن.
آءِ جي سنڌ رفعت مختار ان سلسلي ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن جنهن تحت گريڊ 21 جي عمران يقعوب منهاس جي موڪل تي وڃڻ سبب خالي ٿيل ٻن عهدن جي چارج خادم حسين رد جي حوالي ڪئي وئي آهي.
پوليس چيف ڪراچي خادم حسين هاڻي ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي ۽ ايڊيشنل آءِ جي اسٽيبلشمينٽ سنڌ جي چارج به سنڀاليندو، وٽ ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ جي به چارج هوندي.
آرڊر موجب، ڊي آءِ جي جي ٽريننگ فيض الله ڪوريجو، ڊي آءِ جي آءِ ٽي جي چارج پڻ سنڀاليندو، جڏهن ته ڊي آءِ جي هيڊ ڪوارٽر محمد زبير دريشڪ، ڊي آءِ جي فنانس ۽ ڊي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ جي اضافي چارج سنڀاليندو.
ايڊيشنل آءِ جي ٽريننگ عبدالقادر قيوم، ايڊيشنل آءِ جي آپريشن ۽ ايڊيشنل آءِ جي انويسٽيگيشن سنڌ جي به اضافي چارج به سنڀاليندو.