” بهترين اسپيل اڃا باقي آهي“ شاهين ڀارت لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين آفريدي چيو آهي ته فلحال ته صرف شروعات ٿي آهي، بهترين اسپيل اڃا باقي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي شاهين آفريدي چيو ته هي شروعات آهي، بهترين اسپيل اڃا باقي آهي.

هن چيو ته ڀارت خلاف هر ميچ خاص هوندي آهي ۽ سموري دنيا جون نظرون ان ميچ تي کتل هونديون آهن، انڊر 16 ڪرڪيٽ کيڏڻ کان اڳ هڪ مداح جي حيثيت سان پاڪ-ڀارت ميچ جو بي صبري سان انتظار ڪندو هيس.

هن ٻه سپٽيمبر تي پاڪ-ڀارت ميچ دوران شاندار بالنگ بابت چيو ته مان اِهو نٿو چئي سگهان ته اِهو منهنجي ڪيريئر جو بهترين اسپيل هو، هي ته شروعات آهي، اڳتي اڃا به گهڻو ڪجهه ڏسڻ لاءِ ملندو، تنهنڪري بهترين اسپيل ڏسڻ اڃا باقي آهي.

شاهين شاهه چيو ته جيڪڏهن ننڍي عمر ۾ اوهان مُلڪ لاءِ ٽنهي فارميٽن ۾ کيڏو ٿا ۽ نئين بال کي به سولائي سان سنڀالي سگهو ٿا ته ماڻهو اوهان مان بهترين ڪارڪردگي جي اميد رکندا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته اسان نئين ۽ پراڻي بال سان کيڏڻ ڄاڻو ٿا، هن چيو ته حارث رئوف اسان کي وڌيڪ تيز آهي، نسيم ۽ مان جلدي وڪيٽ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون.

هن وڌيڪ چيو ته اسان ٽئي تمام سٺا دوست آهيون ۽ اِهو ئي اسان جي ڪاميابي جو راز آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.