وڏي اسلامي ملڪ ۾ هر 10 منٽن ۾ طلاق ٿئي ٿي

رياض (ويب ڊيسڪ) اسلامي دنيا جي اهم ترين ملڪ سعودي عرب ۾ هر 10 منٽن ۾ هڪ طلاق ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
سعودي عرب جي اخبار جي خاص رپورٽ موجب ملڪ جي ڳڻپ واري کاتي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مان خبر پئي آهي ته ملڪ ۾ روز 168 طلاقون ٿين ٿيون.
رپورٽ ۾ سعودي عرب جي ڳڻپ واري کاتي جي انگن اکرن جو حوالي ڏيندي ٻڌايو ويو ته سال 2022ع جي آخري ڪجهه مهينن ۾ 57 هزاز کان وڌيڪ طلاقون ٿيون.
حڪومتي اداري موجب سعودي عرب ۾ سال 2022ع ۾ گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ طلاقن جي شرح ۾ نمايان اضافو رڪارڊ ٿيو.
انگن اکرن مان خبر پئي ته 2022ع ۾ سال 2019ع جي ڀيٽ ۾ طلاقن جي شرح 19 سيڪڙو وڌي وئي ۽ هاڻ روز 168 طلاقون ٿيڻ لڳيون آهن.
انگن اکرن موجب سعودي عرب ۾ هر ڪلاڪ ۾ 7 ۽ روز 168 طلاقتون ٿي رهيون آهن ۽ تقريبن هر 10 منٽن کان اڳ ملڪ جي ڪنهن نه ڪنهن شهر ۾ هڪ طلاق ٿي وڃي ٿي.
حڪومتي اداري موجب گذريل ڪجهه سالن کان اتي طلاقن جي شرح ۾ نمايان اضافو ڏٺو پيو وڃي.
عرب اخبار پنهنجي خصوصي رپورٽ ۾ سماجي ماهرن سان به ڳالهيو، جن سعودي عرب ۾ وڌندڙ طلاقن کي سوشل ميڊيا سان سلهاڙيو ۽ چيو ته ان جي گھڻي استعمال سان سماجي تبديليون ٿي رهيون آهن جيڪي آخر ۾ طلاق جو سبب به بڻجي رهيون آهن.
ماهرن موجب سعودي عرب جون معاشي حالتون به طلاقن جو سبب بڻجي رهيون آهن، گھڻن ڪيسز ۾ ڏٺو پيو وڃي ته غربت ۽ مالي ڏکيائين سبب ضرورتون پوريون نه ڪري سگھن سبب به شاديون ختم ٿي رهيون آهن.
ماهرن جو وڌيڪ چوڻ هو ته طلاقن جو هڪ ٻيو وڏو سبب زال ۽ مڙس طرفان هڪ ٻئي تي شڪ ڪرڻ به آهي، ٻئي ڌريون هڪ ٻئي تي اعتماد نٿيون ڪن ۽ هڪ ٻئي جي نگراني ڪن ٿيون جيڪا آخر ۾ ذهني تنگي جو سبب بڻجي طلاق جو سبب بڻجن ٿيون.
سماجي ۽ نفسياتي ماهرن موجب سوشل ميڊيا تي ڪجهه ماڻهن طرفان شادي ۽ ازدواجي زندگي بابت بي منعي فلسفائي تبصرا ۽پوءِ انهن تبصرن تي يقين ڪرڻ سان به طلاق جي شرح ۾ اضافو ٿي رهيو اهي.
جيتوڻيڪ ماهرن سعودي عرب ۾ طلاقن جي وڌندڙ رجحان جا ڪيترائي سبب ٻڌايا آهن، پر هنن طلاقن جي شرح گھٽ ڪرڻ جو ڪو به طريقو ناهي ٻڌايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.