بجلي چوري روڪٿام لاءِ ورڇ ڪمپنين خلاف ڪريڪ ڊائون، 1955 آفيسرن خلاف ڪيس داخل، 21 گرفتار

بجلي چوري جي روڪٿام لاءِ بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي ڪرپٽ آفيسرن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي.

پاور ڊويزن جي ذريعن موجب 1955 آفيسرن خلاف ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون آهن ۽ 21 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊسٽريبيوشن ڪمپنيز تي چاليهه لک يونٽس بجلي چوري ثابت ٿيڻ تي 164 ملين رُپيا ڏنڊ هنيو ويو ۽ ڏنڊ مان هڪ ڪروڙ ڏهه لک رُپيا اوڳاڙيا ويا آهن.

پاور ڊويزن جي ذريعن موجب، بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي ڪرپٽ آفيسرن کي ڳٺ جوڙ سان بجلي چوري ڪئي پئي وئي، آپريشن دوران 1914 آفيسرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وئي.

ذريعن موجب، ليسڪو 351، گيپڪو 138، فيسڪو جي 195 آفيسرن خلاف کاتي جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته آئيسڪو جي 219، ميپڪو جي 314، پيسڪو جي 299، حيسڪو 112، سيپڪو 86 ڪيسڪو 165، ٽيسڪو جي 24 آفيسرن خلاف کاتي جي انڪوائري جاري آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته 248 منفي ساک رکندڙ آفيسرن کي بنا سفارش جي مختلف علائقن ۾ بدلي ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب، بجلي چوري جي ذميوارن خلاف ڪريڪ ڊائون جو سلسلو جاري آهي، ڊسپٽريبيوشن ڪمپنيز جا 2199 کان وڌيڪ بجلي چوري جا ڪيس سامهون آيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.