انگلستان نه هندوستان، ورلڊ ڪپ فائنل آسٽريليا ۽ پاڪستان وچ ۾ ٿيندو، مچل مارش جي اڳڪٿي

آءِ سي سي ورلڊ ڪپ لاءِ آسٽريلوي اسڪواڊ ۾ شامل آل رائونڊر مچل مارش اڳڪٿي ڪئي آهي ته عالمي ڪپ جو فائنل پاڪستان ۽ آسٽريليا جون ٽيمون کيڏنديون.

هڪ انٽرويوءَ دوران مچل مارش اڳوڻي اڳوڻي آسٽريلوي اوپنر ايڊم گلڪرسٽ ۽ انگلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان مائيڪل وان جي گڏيل ميزباني ۾ شرڪت ڪئي.

ڳالهه ٻولهه دوران مائيڪل آسٽريليا جو نالو وٺڻ کانسواءِ سوال ڪيو ته عالمي ڪپ ڪير کٽڻ وارو آهي، ڀارت، پاڪستان يا انگلينڊ؟ جنهن تي مچل مارش جواب ڏيندي چيوته ايمانداري سان سمجهان ٿو ته فائنل ۾آسٽريليا ۽ پاڪستان آمهون سامهون هوندا.

مچل جو جواب ٻڌي ايڊم گِلڪرسٽ ان کي سٺو جواب قرار ڏنو جڏهن ته مائيڪل وان کِلندي چيو ته ڀارت کي ته صفا نيڪالي ڏئي ڇڏيوَ.

ياد رهي ته ان کان اڳ آسٽريلوي ڪرڪيٽر گلين ميڪگرا، اڳوڻو انگلش ڪپتان آئن مورگن به پاڪستان، آسٽريليا، انگلينڊ ۽ ڀارت جي سيمي فائنل ۾ پهچڻ جي اڳڪٿي ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.