اهم خبر، ڪراچي سميت مُلڪي هوائي اڏن تي الرٽ جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اکين جي انفيڪشن آشوبِ چشم کي پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ بارڊر هيلٿ سروسز پاڪستان طرفان جناح ٽرمينل ايئرپورٽ سميت مُلڪ جي ٻين هوائي اڏن تي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو.

هيلٿ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سيد غلام مرتضيٰ شاهه موجب، ايئر لائينز آشوبِ چشم سبب متاثر مسافرن کي ايئر پورٽ تي بارڊر هيلٿ جي ڊاڪٽرز سان رجوع ڪرڻ جي حوالي سان آگاهي ڏين.

هن چيو ته آشوب چشم سبب شديد طور متاثر مسافر پاڻ سفر ڪرڻ کان پاسو ڪن، آشوب چشم هڪ وائرل انفيڪشن آهي ۽ اِهو مرض هڪ فرد مان ٻئي فرد ۾ منتقل ٿيندو آهي.

ٻئي پاسي سول ايوي ايشن جي ترجمان موجب، آشوب چشم سبب متاثر مسافرن جي سفر تي پابندي مڙهڻ جو فيصلو ناهي ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.