6 پاڪستاني رانديگر اغوا، ٿرٿلو، رياستي ادارا سرگرم

ڊيرا بگٽي (ويب ڊيسڪ)  سوئي کان سبي ويندڙ فٽبال ٽيم جي 6 رانديگرن کي اغوا ڪيو ويو آهي.

ليويز ذريعن موجب اڻڄاتل هٿياربند ڪچي ڪينال واري هنڌان رانديگرن کي اغوا ڪري ويا.

واقعي بابت اسسٽنٽ ڪمشنر سوئي ۽ رانديگرن جي گهرڀاتين سان ڪو رابطو ناهي ٿي سگهيو.

رانديگرن ۾ عامر ولد ذاڪر حسن، مريٽا فيصل ولد حنيف سهيل، احمد ولد عمر بخش، ياسر ولد امير بخش، شيراز ولد داد محمد، بابر ولد ڊوٽا شامل آهن.

سڀ رانديگر آل پاڪستان چيف منسٽر فٽبال گولڊ ڪپ کيڏڻ وڃي رهيا هئا جن ۾ 18 نوجوان شامل هئا.

راندين واري نگران وزير نوابزاده جمال رئيساڻي واقعي جو نوٽيس ورتو آهي.

هن ڊي سي سان رابطو ڪري هدايتون ڏنيون آهن.

ڊي سي چيو ته رياستي ادارا ڪوششن ۾ مصروف آهن، جلد مغوين کي بازياب ڪرايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.