پني عاقل جو مغوي جبار چاچڙ آزاد نه ٿيو، بائجي ٿاڻي آڏو ٻيهر ڌرڻو

پنوعاقل (رپورٽ: رستم انڍڙ) پنوعاقل مان اغوا ٿيل مغوي جبار چاچڙ آزاد نه ٿيو، پوليس پاران قومي شاھراهه تي ڌرڻو ختم ڪرائي ورتل 48 ڪلاڪن جو وقت پورو ٿيڻ بعد بائجي ٿاڻي تي ٻيھر ڌرڻو ھنيو ويو، پنوعاقل  مان اغوا ٿيل مغوي عبدالجبار چاچڙ جي آزاد لاءِ ٻھ ڏينھن لڳل قومي شاهراھ تي ڌرڻو ايس ايس پي روحل کوسو پاران مغوي کي 48 اندر بازياب ڪرائڻ جو وقت وٺي ڌرڻو ختم ڪرايو ھو، جڏهن ته ڌرڻو ختم ڪرائڻ بعد پنوعاقل جي بائجي ٿاڻي تي 150 کان وڌيڪ ماڻهن تي دھشتگردي جو پڻ ڪيس به داخل ڪرايو ويو ھو، ايس ايس پي روحل کوسو پاران مغوي جي آزادي لاءِ واعدي مطابق ورتل وقت پورو ٿي ويو پر مغوي آزاد نه ڪرائي سگهڻ بعد مغوي عبدالجبار چاچڙ جا وارث ۽ سول سوسائٽي جا اڳواڻ ايڊووڪيٽ جمال ناصر بلو جي اڳواڻي ۾ وڏي انگ ۾ بائجي ٿاڻي تي پھچي ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا، جمال ناصر بلو چيو ته ايس ايس پي روحل کوسو ٻن ڏينهن ۾ مغوي آزادي ڪرائڻ جو وقت وٺي ڌرڻو ختم ڪرايو ھو ۽ هينئر پنهنجو مغوي وٺڻ لاءِ بائجي ٿاڻي تي پھتا آھيون، ڌرڻو ھڻڻ جي ڏوھ ۾ دھشتگردي جي ايف آءِ آر به داخل ٿيل آھي يا گرفتار ڪن يا واعدي موجب مغوي جبار چاچڙ ڏين، جڏهن ته نئين مقرر ٿيل ايس ايس پي سکر عرفان سمون پنوعاقل پھچي ڌرڻي تي ويٺلن سان ڳالھيون ڪري مغوي جي آزادي لاءِ ٽن ڏينهن جي مھلت وٺي ڌرڻو ختم ڪرايو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.