اڄڪلهه اسڪول ويندڙ ٻارن کي وزني ٿيلهو پارائڻ ماءُ پيءُ جي مجبوري بڻجي ويو آهي، اسڪول ۾ مختلف سبجيڪٽس، انهن جا ڪتاب ۽ بوڪ الڳ الڳ هجڻ ڪري خاص ڪري پرائيويٽ اسڪول انتظاميا ٻارڙن توڙي سندن ماءُ پيءُ لاءِ سمورا نصابي ڪتاب ۽ بُڪ کڻي اچڻ جو دٻاءُ وجهي ٿي، انڪري ٻار وزني ٿيلها کڻي سگهن ٿا يا نه پر ويچارن کي کڻڻو ضرور پوي ٿو.
اسڪولي ٻارڙن جي تعليم ۽ تربيت جو سوال آهي انهن کي پڙهڻو ته پوندو پر ان وزني ٿيلهين جي ڪري انهن جي صحت تي ڪهڙا اثر پون ٿا، انهن کي به ڪهڙي به صورت ۾ نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي.
گهڻي وزن وارا ٿيلها کڻڻ جي ڪري ٻارن ۾ چيلهه جو سور، پٺاڙن ۾ سور ۽ سختي توڙي جسماني سستي جو وڏو سبب بڻجي ٿو، اِهي اُهي مسئلا آهن جيڪي وڏي عمر جي ماڻهن جا هجن ٿا انهن وزني ٿيلهين جي ڪري ٻارن کي ننڍي عمر کان ئي اهو مسئلو ٿيڻ شروع ٿي وڃي ٿو جيڪو اڳتي هلي وڌيڪ نقصانڪار ثابت ٿئي ٿو.
وزني ٿيلهو ٻار جي ڪرنگهي واري هڏيءَ کي متاثر ڪندو آهي جنهن جي ڪري چيلهه ۾ سور پوي ٿو ۽ اهي ٻاراڻي ڦڙتي واري عمر ۾ ئي پِيري واري عارضي ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا.
اهي وزني ٿيلها ٻارن جي ڪلهن، پُٺي ۽ ڳچيءَ ۾ تڪليف جو به سبب بڻبا آهن، جيڪي عارضي اڳتي هلي ٻارن جي لاءِ ناسور بڻجي وڃن ٿا.
ننڍا ٻار ٿيلهن ۾ گهڻو وزن هجڻ ڪري اڳتي نوڙي گهمندا آهن جنهن سان انهن جي چيلهه ۾ سور ته وڌندو ئي آهي پر انهن جي هلڻ جو انداز به مٽجي هوريان هوريان خطرناڪ حد تائين پهچي ٿو ۽ ننڍا ٻار به ڪٻڙا ٿي هلن ٿا.
اڄڪلهه ٻارن ۾ مٿي جو سور عام تڪليف بڻجي رهيو آهي، جنهن جو سبب به اهو وزني ٿيلهو ئي آهي، گهڻو وزني ٿيلهو کڻڻ جي ڪري ٻارن کي اڌ مٿي وارو توڙي سڄي مٿي وارو سور پوندو آهي.
وزني ٿيلهي جون ٻانهن واريون پٽيون سخت هجڻ ڪري ٻارن ڪلهن وارو اڳيون حصو سن ٿي ويندو آهي، جيڪڏهن اهي هٿ سان انهن کي پڪڙي رکن ته انهن جا هٿ به سن ٿي ويندا آهن.
انڪري اهو ضروري آهي ته ماءُ پيءُ ٻارن جي تعليم سان گڏ انهن جي صحت جو به خيال رکن ۽ روز جي بنياد تي گهٽ ۾ گهٽ ڪتاب ٻارن جي ٿيلهي ۾ وڌا وڃن ۽ هر روز رڳو اهي ئي ڪتاب ٿيلهي ۾رکيا وڃن جيڪي ان ئي ڏينهن تي پڙهايا وڃن يا جن تي ان ئي ڏينهن ڪم ٿي سگهي.
ٻارن کي ٿيلهو ڏيڻ کان اڳ اهو خيال ضرور رکو ته انهن جو ٿيلهو گهڻي وزن جي ڪري هيٺ لڙڪيل نه آهي ۽ اهو ٻارن جي پُٺي سان چمبڙيل ئي آهي ۽ ٻار اهو ٿيلهو پائي سڌا گهمي رهيا آهن.
تنهن باوجود به جيڪڏهن ڪو به ٻار ٿڪاوٽ، سستي، چيلهه جي سور، ٻانهن يا ٽنگن جي سور يا ڪلهن ۾ سور جي ڳالهه ڪري ته انکي فوري طور تي ڊاڪٽر کي ڏيکاريو ته جيئن انهن جي مسئلي کي جلد حل ڪري سگهجي.