پتيءَ مان چانهه ٺاهڻ کانپوءِ ضايع نه ڪريو !

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)اڪثر چانهه ٺاهڻ کانپوءِ استعمال ڪيل پتي کي اڇلايو ويندو آهي پر ڄاڻي وٺو ته استعمال ٿيل پتي به وڏي ڪم جي آهي، چانهه جي استعمال ٿيل پنن کي کاڌن ۾ به استعمال ڪري سگهجي ٿو.

اوهان کي ٻڌڻ ۾ عجيب لڳندو پر چانهه جي استعمال ٿيل پتي سلاد جو مزو ٻيڻو ڪري ڇڏيندي آهي، خيال رڳو ان ڳالهه جو رکڻو آهي ته استعمال ٿيل پتي پراڻي نه هجي.

ان جي رڳو هڪ چپٽي سلاد ۾ شامل ڪري سگهجي ٿي، چانهه جي استعمال ٿيل پتي اچار يا کٽو ٺاهڻ لاءِ بهترين شئي آهي.

هن کي تيل، ليمي جي رس ۽ لوڻ ۾ ملائي هڪ شيشي جي دٻي ۾ بند ڪري هڪ هفتي تائين ڇڏي ڏجي ۽ پوءِ ان کي آچار جيان استعمال ڪري سگهجبو يا سينڊويچ سلاد ۽ ٻين کاڌن ۾ شامل به ڪري سگهبو.

ان کانسواءِ باورچي خاني يا ڪٽنگ بورڊز جي صفائي ڪرڻي هجي ته چانهه جي پتي کي نه وساريو، استعمال ٿيل پتي سليب يا ڪٽنگ بورڊ تي هاري ان کي هلڪو رهڙيو ۽ معمول موجب صفائي ڪريو، ان سان گندگي ، سڻڀ ۽ بوءِ ختم ٿي ويندي ۽ اوهان هن کي ٿانو ڌوئڻ ۾ به استعمال ڪري سگهو ٿا.

اهڙي ريت فرج ۾ به کاڌن جي بوءِ ٿي ويندي آهي ته پوءِ پتي اڇلائڻ بدران فرج ۾ رکو، ڇو ته پتي ۾ بوءِ ختم ڪرڻ جي صلاحيت آهي ۽ چانهه جي پنن کي خشڪ ڪري ڪپڙي ۾ ويڙهي رکي ڇڏيو.

ان کانسواءِ مائيڪرو اوون جي صفائي به ٽي بيگ سان ڪري سگهجي ٿي، هڪ ٽي بيگ اوون ۾ رکو ۽ گرم ٿيڻ سان اوون جي بوءِ ختم ٿي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.